پي ڊي ايم جلسي جي قيادت ڪالعدم ٽي ٽي پي جا دوست ڪري رهيا آهن: فواد چوڌري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جلسي جي قيادت ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جا دوست ڪري رهيا آهن.

اڄ کان 13 سال اڳ ڪراچي ۾ ڪارساز وٽ محترمه بينظير ڀٽو جي قافلي تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا.

پ پ اڄ ڪارساز شهيدن جي 13هين ورسي جي مناسبت سان جناح باغ ۾ اپوزيشن جماعتن جي اتحاد پي ڊي ايم سان گڏجي جلسو ڪري رهي آهي.

ان حوالي سان وفاقي وزير فواد چوڌري ٽوئيٽ ڪندي لکيو آهي ته اڄ کان 13 سال اڳ پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو آپگهاتي حملو ٿيو، شهيد بينظير ڀٽو جي قافلي کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، 180 ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ 500 کان وڌيڪ ماڻهو هٿن ۽ پيرن کان محروم ٿي ويا.

سندس موجب ان دهشتگردي جي ذميواري ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان قبول ڪئي، اڄ ان ئي جاءِ تي پي ڊي ايم جو جلسو آهي ۽ قيادت ٽي ٽي پي جا دوست ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.