ٽنڊي الهيار ۾عورتن جو بااثر خلاف احتجاج، تشدد ۽ قبضي جون دانهون

ٽنڊوالهيار (رپورٽ: خميسو دائوداڻي ) ٽنڊوالهيار لڳ قيصر سيهنڙو جي ڳوٺ هاشم هنگورو جي رهواسي عورتن جو ڳوٺ جي بااثرن پاران تشدد ڪرڻ ۽ زمين تي قبضي جي ڪوشش خلاف ٽنڊوالهيار پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي خيربانو هڱورو، سڪينه هڱورو ۽ نور علي هڱورو صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان جي برادري جا ڪجه بااثر ماڻهون اسان جي 17 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن هنن چيو ته بااثرن پاران ڪيترائي ڀيرا اسان تي حملا ڪري عورتن توڙي مردن کي زخمي پڻ ڪيو آهي اهڙو اطلاع عمرساند پوليس کي ڏيڻ باوجود پوليس اسان جي هڪ به نٿي ٻڌي هنن آئي جي سنڌ . ڊي آئي جي حيدرآباد . ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان گهر ڪئي ته بااثرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.