حيدرآباد ۾ڪوٽڙي واسين جو ايس ايڇ او خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ڪوٽڙي سائيٽ ايريا جي رهواسين تاج محمد سوڍر، حبيب الله لغاري، احمد علي سوڍر، احمد علي چانڊيو ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جڏهن کان ايس ايڇ او آدم ابڙو ڪوٽڙي ٿاڻي جو انچارج ٿيو آهي، تڏهن کان ڪوٽڙي سائيٽ ۾ بدامني وڌي وئي آهي، چورين، ڦرن ۽ ڌاڙن جي وارداتن سبب رهواسين جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن، ڏينهن ڏٺي جو گهرن ٻاهران موٽر سائيڪلون چوري ٿي وڃن ٿيون، رات جو چور گهرن ۾ داخل ٿي گهر ٻهاري وڃن ٿا، پوليس بدامني تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. هنن چيو ته خورشيد ڪالوني پوليس چونڪي جي انچارج اي ايس آءِ زاهد جهتيال ڪراچي مان ريٽ ڪري ڦر ڪيسن ۾ جوابدار کي گرفتار ڪري آيو، جنهن تي ايس ايڇ او آدم ابڙو چونڪي انچارج زاهد جهتيال کي عهدي تان هٽائڻ سان گڏ گرفتار جوابدار جي ڦر ڪيسن ۾ گرفتاري ظاهر ڪرڻ بدران جوابدار کي 2 ڪلو چرس ۾ چالان ڪري سائيٽ ايريا مان ڦر واقعن کي لئي مٽي ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته جمع جي ڏينهن منجهند جو هڪ دڪان مان ڦر ۽ رات جو هڪ ماڻهو کان ڦر ڪرڻ جا 2 واقعا پيش آيا آهن. هنن ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او ڪوٽڙي کي فوري طور تي هٽائي ڪوٽڙي سائيٽ سميت شهر ۾ امن و امان کي يقيني بڻايو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.