راڌڻ ۾ ٽائون ڪاميٽي ملازمن جو پگهار نه ملڻ خلاف احتجاج

راڌڻ ( ن ع آ ) ٽائون ڪاميٽي راڌڻ جي سموري اسٽاف پاران گذريل ٻن مهينن  کان پگهارون ۽ الائونس نه ملڻ خلاف لوئر اسٽاف جي سليم احمد خاصخيلي، نظير احمد بروهي، اوم پرڪاش، نديم پرديسي ۽  معشوق جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪرڻ بعد ٽائون ڪاميٽي گيٽ تي ڌرڻو هنيو،  مظاهرين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اڄ ست ڏينهن ٿي ويا مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون مگر هن وقت تائين ڪنهن به بالا آفيسر  تدارڪ نه ورتو آهي هاڻ ته اسان کي شهر جو ڪو دڪاندار به اوڌر تي راشن ۽ ٻيو سامان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، ٻئي پاسي ٽائون ڪاميٽي راڌڻ جي لوئر اسٽاف پاران گذريل هڪ هفتي کان ڪم ڇڏ هڙتال سبب سمورو شھر گندگي جي ڍيرن سان ڀرجي ويو آهي، وڏو وزير ۽ بلديات وارو صوبائي وزير نوٽيس وٺي پگهار ڏياري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.