خيرپور ناٿن شاهه ۾ ميونسپل ملازمن جو بحالي لاءِ مظاهرو

خيرپورناٿن شاھ ( ن ع آ ) خيرپورناٿن شاھ ميونسپل ڪاميٽي جي برطرف ٿيل ملازمن جو بحالي لاءِ اڄ 18 ڏينهن به منير آرائين، زاهد ڀٽي، عباس علي چانڊيو، سڪندر ڪنڀر، خادم لانڊر جي اڳواڻي ۾ مير حسن چونڪ کان مين بس اسٽاپ تائين احتجاجي مظاهرو ڪري مين روڊ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي برطرف ٿيل ملازمن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته اسان کي 2013 ۾ بغير شوڪاز نوٽيس جي صرف زباني حڪم تي غير قانوني طور تي نوڪرين مان برطرف ڪري پگهارون بند ڪري اسان کي بيروزگار ڪيو ويو، جيڪا ناانصافي آهي،  اسان مسلسل بيروزگار آھيون، اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن، گهرن ۾ فاقاڪشي آھي،چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ٿا ڪريون نوٺيس وٺي اسان سان انصاف ڪري نوڪرين تي بحال ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو

ڪنڊياري ۾موٽر وي پوليس پاران روڊ سيفٽي بابت سيمينار

ڪنڊيارو (ن ع آ ) ڪنڊيارو  موٽروي پوليس بيٽ 29 پاران موٽروي پوليس جي آء جي ڊاڪٽر ڪليم امام، ايڊيشنل آء جي ڊاڪٽر آفتاب پٺاڻ، ڈی آءِ جي مطلوب اعوان ۽ سيڪٽر ڪمانڊر سجاد حسين ڀٽي جي ھدايتن تي  بيٽ 29 جي ڊي ايس پي راشد علي شاھ جي صدارت ڪنڊيارو موٽروي آفيس ۾ روڊ سيفٽي سيمينار منعقد ڪيو ويو۔ ان موقعي تي ڈی ایس پی راشد علی شاہ،  انسپيڪٽر عبدالرشيد سھتو  ۽ ایڈمن عجیب علی روڊ سيفٽي سيمينار ۾ شريڪ ٿيلن کي موٽروي قانون بابت آگاھي ڏيندي چيو ته الله ج جو فرمان آھي ته جنھن ھڪ انسان جي جان بچائي ته ان پوري انسانيت جي جان بچائي، موٽروي پوليس جو به اھو ئي مقصد آھي ته قومي شاھراھ تي سفر ڪندڙن جي سفر کي آسان ۽ محفوظ بڻايو وڃي.

اوٿل ۾ ڄام ڪمال جي صحتيابي لاءِ قرآن خواني جو اهتمام

حب(ن ع آ) اوٿل بلوچستان عوامي پارٽي يوٿ ونگ پاران بلوچستان جي وڏي وزير نواب ڄام ڪمال عالياني جي صحتيابي لاءِ سرڪٽ هائوس ۾ قرآن خواني جو اهتمام ڪيو ويو، ڄام ڪمال خان ڪجه ڏينهن اڳ ڪورونا جو شڪار ٿيو آهي، ان موقعي تي مدرسي جي شاگردن ۽ معززن ۾ لنگر ورهايو ويو ۽ ڄام ڪمال خان جي صحتيابي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون، ان موقعي تي چيف ٽرائبل سردار غلام فاروق شيخ، پير گلاب شاهه جيلاني چيو ته نواب ڄام ڪمال خان جون عوام لاءِ خدمتون فخر جوڳيون آهن،تقريب ۾ ڊاڪٽر توله رام لاسي، عبدالرشيد ڄاموٽ، غلام مرتضيٰ لاسي، محمد شريف خاصخيلي، شبير احمد مانڊڙه، حيدر علي خان، جميل دودا، عزيز الرحمان يوسفزئي، حضور بخش لانگاهه، زين العابدين چنا، نواز علي ڄاموٽ، ڪريم بخش ڄاموٽ، هدايت الله چنا، عمر لاسي، رفيق تبسم، محمد حنيف چنا، نصير احمد لانگاهه، عمران چنا، حفيظ دانش ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ٽنڊي آدم ۾سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويا

ٽنڊو آدم (ت ر ) ڊي سي سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا جي حڪم تي ٽنڊو آدم جي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر اعجاز جتوئي جي نگراني ۾ شھر ۾ رعايتي ۽ سرڪاري  اگھ تي اٽي جا اسٽال قائم ڪيا ويا آهن جتي اٽو في ڪلو 55 رپيا ۽ 10 ڪلو اٽو وارو بيگ 550 روپيا جي حساب سان وڪري ٿي رهيو آهي ڄاڻايل اسٽالن جي نگراني فوڊ انسپيڪٽر اعجاز رند ۽ فوڪل پرسن تنوير رانجهاڻي ڪري رهيا آهن ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا جو چوڻ آهي ته ضلعي جي عوام کي عام واهپي جون شيون سستي اگھ تي فراهم ڪرڻ جي لاءِ سندس هي پهرين ڪوشش آهي جنهن کان پوءِ مرحليوار سمورن شهرن ۾ ان قسم جا اسٽال لڳايا ويندا. هن چيو ته عوام ئي رليف ڏيڻ سندس اولين ترجيح آهي.

گهوٽڪي ضلعي ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه مقرر

ميرپورماٿيلو (ن ع آ) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي عثمان عبدﷲ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه مقرر ڪيا ويا آهن جنهن جي ريٽ لسٽ پڻ جاري ڪئي وئي آهي ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر  اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختياڪارن کي هدايت ڪئي  آهي ته هو ضلعي انتظاميه پاران جاري ڪيل ريٽ لسٽ تي سختي سان عمل ڪرائن جڏهن ته عمل نه ڪندڙن مٿان ڳرا ڏنڊ لاڳو ڪري رپورٽ فراهم ڪئي وڃي، هن بيورو آف سپلائيز اينڊ پرائيس جي عملدارن کي پڻ هدايت ڪئي آهي ته هو روزانو جي بنيادن تي اگهن جو جائزو وٺن ته جيئن ضرورت موجب ريٽ لسٽ ۾ ردوبدل ڪري سگهجي.

گڏجاڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر پاران هن اگهه مقرر ڪيا ويا آهن دال چڻو پنجاب 130 روپيا في ڪلو، دال چڻو سنڌ 115 روپيا، دال مڱ ڌوتل (اي) 240، دال مڱ ڌوتل (بي) 220 روپيا، دال مهري ڌوتل 140 روپيا، دال ماش ثابت 230 روپيا، دال مڱ ثابت 205 روپيا، دال مٽر 85 روپيا، ڇولا (8 ايم ايم) 120روپيا، ڇولا (9 ايم ايم) 125 روپيا، ڇولا (12 ايم ايم) 140 روپيا، ڇولا ثابت برما 100روپيا، اڇيون رهان 165 روپيا، ڳاڙهيون رهان 250 روپيا، ثابت مڱ 200 روپيا، مڱ پشاوري 230 روپيا، مٺائي 110 روپيا، ڳڙ 100روپيا، چانور ڪرنل پنجاب 150، چانور ڪرنل سنڌ 130 روپيا، چانور 86 (اي) 100 روپيا، چانور 86 (بي) 90 روپيا، چانور ٽوٽو پنجاب 90 روپيا، چانور ٽوٽو سنڌ 65 روپيا، چانور ايري 55 روپيا، اٽو اسپيشل 48 روپيا، بيسڻ 125 روپيا، سوجي 70 روپيا، ميدو 70 روپيا، لوڻ 10روپيا، ماني 100 گرام واري 10 روپيا مقرر ڪيو ويو آهي.

پني عاقل ۾ مهانگائي، غريب پريشان

پنوعاقل (ن ع آ)عمران نيازي جي 2 سالا دور ۾ مھانگھائي عروج تي کائيڻ پئيڻ جي شئين ۾ 60 سيڪڙو مھانگھائي وڌي وئي،غريب ماروڙن جي حقن جي ڳالھ ڪندڙ وزير اعظم عمران نيازي عوام کي خدڪشون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي،ھتي سرڪار پاران تازو جاري ڪيل کائيڻ پئيڻ جي شئين جي ريٽ لسٽ لاھ ڪڍي ڇڏيا،دڪاندارن پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ويو آھي ته نواز شريف جي دور ۾ ۽ ھاڻوڪي حڪمران ۾کائيڻ پئيڻ جي شئين جا اگھ ھر شيءِ تي 50 کان 60 سيڪڙو مھانگھائي ٿي وئي آھي،ھتي اٽو 60 رپيا ڪلو،چانور 100 کان 150 گيھ 190 کان 200،کنڊ 97 چانھ پتي 720 کان  970ڪلو دال چڻا 130 ،منڱ 220 ،مھري 150  چڻا 160 ،بيسڻ 140 ڪلو جڏھن ته ننڍو گوشت 700 وڏو گوشت 500 ،مڇي 400 ،مرغي 270 ڪلو وڪامجڻ لڳو،کير 100،ڏھي 1120 ڪلو ۽ لسيءِ جو گلاس 40 رپيا وڪرو ٿيڻ لڳو،بسر گوبي،پٽاٽا،ٽماٽا،مرچ،ٿوم ۽ مٽرن جو اگھ آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳو.،مھانگھائي سبب ماڻھون پنھنجي ٻچن کي پالڻ لاءِ سخت پريشان موت ۽ زندگي جي ور چڙھيل آھن،ھتان جي واپارين ۽ ڪامورن دڪاندارن جي ملي ڀڳت سان مھانگھائي ماڻھن جون ڌچيون اڏائي ڇڏيون آھن،

ٿاڻي بولا خان ۾ ملڪ اسد سڪندر جي فرزندن طرفان مختلف برادرين سان تعزيتون

ٿاڻوبولاخان (ن ع آ ) ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر جي فرزندن ملڪ سڪندر خان جونيئير ۔ ملڪ احمد خان ۽ پير نديم شاه جيلاني ٿاڻوبولاخان ۾ مختلف برادرين سان تعزيتون ڪري ڏک ونڊيو ،ان موقعي تي ملڪ سڪندر خان جونيئر گڏ ٿيل ماڻهن ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪوهستان ۾ ڪافي ترقياتي ڪم ٿيا آهن ٿاڻوبولاخان ۾ رهيل ترقياتي ڪم جلد ڪرايا ويندا ، هن چيو ته ڪوهستان ۾ جيڪي به ڪم ٿيا آھن اهي پ پ جي دور ۾ ٿيا آهن ان موقعي تي پير امير شاه جيلاني ،ملڪ بهدي خان ، ملڪ محب علي خان ، محمد حسين خاصخيلي ، الله ڏنو خاصخيلي ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا.

ڏهرڪي اسپتال ۾ علاج نه ٿيڻ جي دانهن جو نوٽيس ورتو آهي:پ پ اڳواڻ

ڏھرڪي (ت ر) پي پي پي  جنرل سيڪريٽري ڏھرڪي رشيد احمد ڀٽو صحافين کي ٻڌايو ته ڪجھ ڏينھن کان مسلسل ڏھرڪي جي لوڪل غريب عوام پاران اسان کي شڪايات موصول ٿئي پئي ته سرڪاري اسپتال ۾ ھڪ ته شفٽ ۾ اڪثر ڪري شام ۽ رات جو ايمرجنسي ۾ ڊاڪٽر غير حاضر رھن ٿا ۽ ايمرجنسي آپريشن سينٽر به بند پيل ھوندو آھي ۽ عوام پاران اھا به اسان کي شڪايات ملي ته ڏھرڪي جي سرڪاري اسپتال ۾ ڏينھن  جو ايڪسري سينٽر ۾ مريضن کي توجه ڪون ملي پئي .

۽ دوائون جي کوٽ بابت عوام پارن شڪائتون موصول ٿيون ته اڄ اسان ڏھرڪي جي  ڊاڪٽر ممتاز احمد چنا ، ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ سرڪاري اسپتال تعلقي ڏھرڪي سان مليا سين ۽ عوام پاران جيڪي شڪايات موصول ٿيون پي پي پي جنرل سيڪريٽري  رشيد احمد ڀٽو ان بابت ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ کي آگاھ ڪيو ويو ۽ پي پي پي جي دوري تي آيل ٽيم کي سرڪاري اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ پاران سرڪاري اسپتال جي آپريشن ٿيٽر جو دورو به ڪرايو ويو.

۽ ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ پاران اھو به چيو ويو ته اسين وڌ کان وڌ ڪوشش ڪري ڏھرڪي جي عوام فل سپورٽ ڪندا سين ۽ جيڪي به اسان تي لڳل شڪائتن بابت آگاھي ملي آھي ان جي به جاچ پرتال ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.