ڳڙهي خيري ۾ پاڻي کوٽ، رهواسي پريشان

ڳڙھي خيرو (ن ع آ) ڳڙھي خيرو ۾ واٽر سپلاء جي سھولت نه ھجڻ سبب عوام "جر جو کارو پاڻي” واپرائڻ تي مجبور، عوام مٺي پاڻي  لاء شھري پريشان، شھر ۾ ڪيتري عرصي کان واٽر سپلا جي پاڻي جي سھولت نه ھجڻ سبب شھر ۾ روزانو لکين روپين جو مٺو پاڻي خريد ڪيو ويندو آھي, ڪيترائي غريب ماڻھو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن، کارو پاڻي واپرائڻ سبب ڪيترائي ماڻھو ھيپاٽائٽيٽس ۽ پيٽ جي ٻين مختلف بيماري ۾ وٺجي ويا آھن، جڏھن ته شھر ۾ مٺي پاڻي جو ھڪ ٽين 10 کان 15 روپين ۾ وڪرو ڪيو ويندو آھي ۽ شھر ۾ ڪيترائي غريب ماڻھو اھڙا آھن جيڪي مالي طاقت نه ھجڻ سبب مٺو پاڻي خريد ڪرڻ لاء پريشان آھن، ڳڙھي خيرو جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ۽ شھرين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڳڙھي خيرو جي شھرين کي واٽر سپلاء جي مٺي پاڻي جي بنيادي سھولت ڏني وڃي ته جيئين عوام واٽر سپلاء جي مٺي پاڻي جي سھولت ڏئي ڪري پريشاني کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.