پ پ وارن سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: شفقت شاهه

سکر( رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي صوبائي اڳواڻ ۽ سکر جي ضلعي صدر شفقت شاهه چيو آھي تھ سنڌ ۾ گذريل 15سالن کان روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جي نالي تي حڪومت ڪرڻ وارن حڪمرانن سنڌ کي ترقي ڏيڻ بجاءِ نھ صرف سنڌ کي تباهه ڪيو آھي بلڪه سنڌ جي ماڻھن کي بنيادي سھولتن کان محروم رکيو، پيپلز پارٽي جي سياست سنڌ ۾ ختم ٿي چڪي آهي، عوام فنڪشنل ليگ ۾ شامل ٿي رهيو آهي، اھڙيون ڳالھيون ھن يونين ڪاميٽي 23 شاهه خالد ڪالوني ۾ ڪوٺايل تقريب دوران سوين ماڻهن کي خطاب ڪندي ڪيون، ڪوٺايل تقريب ۾ فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ سيد شفقت علي شاهه جي تاج پوشي پڻ ڪئي وئي، تقريب ۾ ف ليگ اڳواڻ فقير عنايت الله ٻرڙو، مير اعجاز ٽالپر، محمد آفتاب مھر،  الطاف مھر، عبدالحق مھر، محمد حنيف شيخ، محمد جاويد شيخ، ياسين جوڻيجو، صدرالدين سميجو، ارباز عباسي، ليڊيز ونگ اڳواڻ رضيا عباسي، ڪوثر پروين، خالدا پٺاڻ سميت وڏي تعداد ۾ علائقي جي رھواسين ۽ ف ليگ جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.