ڪنڊياري ۾ عورتن ۽ ٻارن کي هٿ ڌوئڻ جي سکيا

ڪنڊيارو(ن ع آ)ڪنڊيارو ۾ پي پي ايڇ آء نيوٽريشن ورڪرن مختلف اسپتالن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن کي هٿ ڌوئڻ جي تربيت ڏني۔هٿن کي جراثيمن کان صاف ڪرڻ لاء    ستن مرحلن کي پورو ڪرڻ ضروري آھي۔فاروق علي گهانگهروهٿ ڌوئڻ جو عالمي ڏينهن ملهائڻ حوالي سان پي پي آء  ڊسٽرڪٽ نوشھروفيروز جي ڊي ايم امداد لغاري ۽ ڊسٽرڪٽ نيوٽريشن ڪو آرڊينيٽر ساجدا عباسي جي خاص هدايتن تي پي پي ايڇ آء نوشھروفيروز جي مختلف سرڪاري اسپتالن ۾ نيوٽريشن ٽيم عورتن ۽ ٻارڙن کي هٿ ڌوئڻ جي تربيت ڏني۔بي ايڇ يو ڪنڌر، رورل هيلٿ سينٽر ڪمالديرو،جي ڊي همائو ۾ فاروق علي گهانگهرو، رورل هيلٿ سينٽر هالاڻي ۾ آفتاب علي چانگ،بي ايڇ يو ڪوٽ غلام شاهه ۾ عبدالستار لاکير،محبت ديرو ۾ جنسار علي ڪلهوڙو ۽  فضل سهتو اسپتال ۾ آصف علي چنه سميت ٻين اسپتالن ۾ نيوٽريشن ٽيم  سان لاڳاپيل ورڪرن اسپتال آيل مريض مرد،عورتن ۽ ٻارڙن کي هٿن کي جراثيمن کان مڪمل صاف ڪرڻ جي تربيت ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.