احمدپور ۾ باهه واقعي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

احمدپور ( ن ع آ ) احمدپور لڳ ڳوٺ گابر ميتلو ۾ شرپسندن ڳوٺ جي زميندار غلام مصطفا ميتلو جي سوين مڻ ڪاٺ ۽ سرون پچائڻ لاءِ رکيل 100 مڻ  کان وڌيڪ توتڙ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي باھ سبب ٿيل نقصان جي ماليت لکين روپيا ٻڌائي پئي  وڃي ـ اھڙي واقعي جو اطلاع شاھ حسين ٿاڻي جي پوليس کي پڻ ڏنو ويو آهي ٻئي طرف واقعي خلاف ڳوٺاڻن غلام مصطفا ميتلو محمد بخش ميتلو محمدعلي ميتلو اختيار ميتلو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پير طريل خيرپور لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ان موقعي احتجاجي ڌرڻو ھڻندڙ ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته ڪجھ ڏينھن اڳ ڏوھارين پاران چندو ڏيڻ لاءِ چٺي اماڻي وئي هئي ڀتو نه ڏيڻ تي ڪچيون سرون پچائڻ لاءِ ڳوٺ ڀرسان بٺي تي رکيل سوين مڻ ڪاٺ ۽ سئو مڻ کان وڌيڪ توتڙ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي جنھن ڪري کين لکين روپين جو نقصان پئجي ويو آهي واقعي جي نامعلوم جوابدارن خلاف حد جي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي پر تنھن باوجود پوليس ڪا به جاچ نه پئي ڪري جنھن ڪري سخت پريشان آھيون ھنن ايس ايس پي خيرپور کان گھر ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.