ڪوٽ غلام محمد شهرگندگي جي ور چڙهي ويو

ڪوٽ غلام محمد(ن ع آ  ) ڪوٽ غلام محمد شهر  ٽائون انتظاميا جي نااهلي ۽ بي ڌياني سبب ڪچهري جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو آهي ،شهر جي مختلف وارڊن جي گهٽين ۾ صفائي نه ٿيڻ سبب گندگي جا ڌير لڳي ويا آهن ،۽ گٽرن جو گنڌو پاڻي بيهجي ويو آهي ،جنهن سبب شهرين ۾ ٽائون انتظاميا تي سخت ڪاووڙ جي لهر ڇانيل آهي ،ڪوٽ غلام محمد جي شهرين ٺيڪيدارمحمد سليم قائم خاني ،جيارام مالهي ،عدنان آرائين ۽ ٻين چيو ته ٽائون انتظاميا جي نااهلي ۽ بي ڌياني سبب شهر جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي آهي،جگهه جگهه ڪچهري جا ڍير لڳا پيا آهن ۽ گٽرن جو ڪنو پاڻي رستن تي بيهجي ويو آهي جنهن سبب رهواسي سخت عذاب ۾ اچي ويا آهن،گندگي سبب مختلف بيماريون ڦهيلجي رهيون آهن ،۽ گٽرن جو ڪنو سوريج جي لائينن ۾ مڪس ٿي رهيو آهي جيڪو پاڻي شهري مجبوري سبب واپرايڻ تي مجبور آهن ، شهر ۾ هر طرف گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن ۽ رهواسي سخت ڏچي ۾ اچي ويا آهن ،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.