مدئجي لڳ صفائي بابت سيمينار، شاگرد به شريڪ

مدئجي(ن ع آ ) مدئجي ويجهو ڳوٺ جندو ديرو جي پرائمري اسڪول ۾ آئي آرسي پاران صفائي سٿرائي بابت سيمينار ڪوٺايو ويوجنهن ۾ شاگردن استادن توڙي علائقي جي معززين پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي،سيممنار دوران ٻارن کي صفائي ۽ ڪرونا وائرس کان بچاءَ جوتدبيرون ٻڌايون ويون ۽ شاگردن کي صفائي بابت ڄاڻ ڏيندي ٻارن کي مشق ڪرائي وئي،ان موقعي تي آئي آر سي اڳواڻن ۽ معززين فرزانه ميراڻي وحيدمهر، لياقت علي ميراڻي، محمد يوسف،عبداللطيف،عبدالباسط ۽ ٻين خطاب ڪندي چيوته صفائي نصف ايمان آهي صفائي سان ئي انسان انيڪ بيمارين کان بچي سگهي ٿو، هنن چيوته هن وقت ملڪ اندر ڪرونا وبائي صورت اختيار ڪري چڪي آهي جنهن کان فقط احتياط سان کي بچي سگهجي ٿو،جنهن لاءِ ٻارن ۾ سجاڳي لاءِ هتي پهتا آهيون،هنن والدين کي چيوته ٻارن جي صفائي سٿرائي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي اپيل ڪئي،آخر ۾ جاڳرتا ريلي پڻ ڪڍي وئي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.