پ پ جي جلسي لاءِ پکي مان قافلو ڪراچي روانو

پکو ( ن ع آ )  ڪراچي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءّ قمبر ضلعي جي مختلف شھرن مان قافلا ضلعي صدر قمرالدين گوپانگ , تعلقي صدر شاھ غازي مغيري , نصرت ميئو ۽ گل محمد ديدڙ جي اڳواڻي روانو ٿي ويو جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن شامل ھئا جن جذباتي انداز ۾ پي ٽي آءّ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي تعلقي صدر شاھ غازي مغيري روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي.  جيڪا عوام جي دلين تي راڄ ڪري ٿي ۽ 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ رٿيل جلسي ۾ هزارين ڪارڪن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي لخت جگر بلاول ڀٽو زرداري جو شاندار استقبال ڪري نئين تاريخ رقم ڪندا ، هن چيو ته نااهل حڪومت مان مهانگائي جو ماريل عوام هاڻي بيزار آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.