شاهپور جهانيان ۾ دالتپور واسي جو واپڊا خلاف احتجاج

شاهپورجهانيان  (ن ع ا) دولتپور واسي ارباب عمراڻي ايس ڊي او واپڊا دولتپور موليڏنو سنگراسي ۽ سندس عملي جي بيواجبين ۽ ناجائز بل ۾ ڊيڊڪشن لڳڻ خلاف پريس ڪلب شاهپورجهانيان پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو،هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مان غريب مسڪين آهيان هڪ ڪرائي جي دوڪان ۾ حجامڪو ڪم ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندو آهيان،ايس ڊي او واپڊا موليڏنو سنگراسي ۽ سندس واپڊا عملدارن منهنجو ۽ منهنجي گهر ڀاتين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته گذريل ستن مهينن کان مسلسل هر مهيني واپڊا عملدار 10 هزار روپين کان مٿي ڊڊڪشن هڻن ٿا، جيتوڻيڪ منهنجي گهر اندر هڪ بلب، پکو ۽ ٽي وي موجود آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.