سيوهڻ ۾ درگاهه قلندر لڳ مسجد زبون، نقصان جو خدشو

سيوھڻ ( ن ع آ ) سيوھڻ ۾ صوفي بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر جي ڀر اوقاف کاتي جي اھلسنت جي جامع مسجد ۾ گٽر نالو بند ٿيڻ سبب مسجد جي وضو خاني ۽ ڀتين ۾ ڏار پئجي ويا آھن، پر اوقاف انتظاميا گھري ننڍ ستل آھي، جنھن ڪري ڪنھن وقت به جاني نقصان جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ان سلسلي ۾ سڄاڻ ڌرين جي اڳواڻن ۽ نمازين منظور سومرو، وحيد کوسو، اڪبر ملاح، علينواز سولنگي  ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته اوقاف کاتي پاران تعمير ڪرايل جامع مسجد کي 2012 ۾ نئي سر تعمير ڪرايو ويو ھو جنھن ۾ گٽر جو نيڪال صحيح نه ھجڻ ڪري مسجد جي ڪجھه حصن ۾ ڏار پوڻ ڪري اھو ڊھي پٽ پئجي ويو آھي.  مسجد ۾ جمع نماز ۽ عيدن تي وڏو اجتماع پڻ ٿيندو آھي جنھن ۾ شھرين ۽ قلندر جي پانڌيئڙن جو وڏو انگ نماز پڙھڻ لاءِ اچن ٿا، وڏو وزير ۽ ٻيون اختياريون نوٽيس وٺي مسجد تعمير ڪرائين،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.