سڪرنڊ ۾ شاليمار ڪوچ مان گوشت هٿ، وٽنري آفيسر ڪليئر قرار ڏنو

سڪرنڊ  ( ن ع آ )سڪرنڊ پوليس پاران شاليمار ڪوچ اسٽاپ تي نواب شاهه کان ڪراچي ويندڙ  BSA229 ايئرڪنڊيشن ڪوچ  تي حرام جانور جو گوشت هئڻ جي شڪ سبب بس کي روڪي گوشت هٿ ڪري گوشت سميت گاڏي ٿاڻي تي آندي وئي، جنهن کان پوءِ گوشت مالڪ نواب شاھ جي ڪاسائي عمران قريشي ٻڌايو ته گوشت حلال آھي، اسان نواب شاھ کان ڪراچي گوشت موڪلي رهيا هئاسين ته سڪرنڊ پوليس پاران شڪ جي بنياد تي گوشت چڪاس لاءِ موڪليو آھي، ٻئي طرف ڪراچي ويندڙ شاليمار ڪوچ مان هٿ ڪيل گوشت کي وٽنري آفيسر تعلقي سڪرنڊ ڊاڪٽر مزمل ميمڻ گوشت کي ڪليئر قرار ڏئي ڇڏيو، رابطي ڪرڻ تي وٽرنري ڊاڪٽر مزمل ميمڻ ٻڌايو ته گوشت صحت لاءِ ھاڃيڪار ناھي ۽ گوشت حلال آھي.

ڪشمور ۾ بد امني خلاف 25 آڪٽوبر تي ڌرڻي جو اعلان

غوثپور( ن ع آ ) ڪشمور ضلعي ۾ امن امان بحال ڪرائڻ  لاء  25 آڪٽوبر تي  ڪنڌڪوٽ ڊي سي آفيس اڳيان ڪراچي جي صحافي قادر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ پُرامن ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان قادر چانڊي سان سنڌ جي مختلف شهرن سان تعلق رکندڙ ۽ ڪشمور ضلعي جي مختلف علائقن جي باشعور نوجوانن رابطا ڪري قبائلي تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ بهرپور تعاون ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي. قادر چانڊي ڳالهائيندي چيو ته ته ڪشمور ضلعي ۾ ناحق انسان جو قتلي عام ٿي رهيو آهي ان کي روڪڻ لاءِ اسان عوام جي طاقت سان روڪي ڪشمور ضلعي ۾ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ هر هد تائين وينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.