نوابشاهه ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

نوابشاهه(ڊ ر) ڪجھه ڏينهن اڳ اي سيڪشن ٿاڻي نوابشاهه تي سرڪار پاران سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي صدر نثار ڪيريو، شاھنواز ڪيريو، رستم شاھه، رفيق ملاح، وقار ملاح، ٻڌل مگسي، زاھد وسطڙو ۽ پنج نامعلوم ماڻھن تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ھڙتال جي حوالي سان ڪيس داخل ٿيڻ واري عمل خلاف عبدالطيف راھو، انيلا رفيق ملاح، قمر سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته سنڌ اسان جي امڙ آھي رياست جا ڪوڙا ڪيس اسان کي جھڪائي نٿا سگھن، رياست ڀلي سو ڪوڙيون ايف آئي آرون داخل ڪري اسان جھڪڻ وارا ناھيون ۽ ھنن ڪوڙن ڪيس جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ مطالبو ٿا ڪيون ته ايس ٽي پي جي اڳواڻن تي داخل ٿيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.