خيرپور ۾ ٽبوب ويل بند، سم وڌي وئي، فصل تباهه، ڪروڙن جو نقصان

خيرپور( رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) خيرپور  اسڪارپ کاتي جي نااهلي سبب خيرپور ضلعي ۾ سم ۽ ڪلر ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ان سلسلي ۾ آدم خان چانڊيو، غلام قادر چانڊيو، نزاڪت چانڊيو ۽ ٻين اخبار وارن کي ٻڌايو ته اسڪارپ کاتي جا آفيسر پمپنگ اسٽيشن جو تيل بچائڻ لاءِ پمپنگ اسٽيشن نه پيا هلائين.سم نالن ۾ پاڻي چڙهي ويو آهي. ۽ ڪيترائي  ٽيوب ويل بند پيل آهن جنهن ڪري علائقي جي لکين ايڪڙ زرعي زمين ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن  روڊن رستن کي سم ۽ ڪلر جي ور چاڙهيو ويو آهي. هنن چيوته کجين ، ڪيلن جاباغ، جڏهن ته مندائتا فصل ووئڻ، ڀاڄين ۽ ٻين تيار ٿيل فصلن کي نقصان سبب ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيا آهن.  هنن چيو ته اسڪارپ کاتي جا ننڍا ملازم  توڙي وڏا ملازم ويزا تي ويل آهن سم ناليون گند گاهه سان ڀريو پيون آهن داروغا توڙي بيلدار اسان ڪڏهن به سائيڊن تي نه ڏٺا آهن جو هو سم نالين جي صفائي ڪن ڇو ته اسڪارپ کاتي جا آفيسر سب انجنيئر،اسسٽنٽ انجينئر ۽ انجنيئرن کي بيلدار هر مهيني 5 هزار روپيه رشوت ڏئي گهر وٺي پگهارون کڻن ٿا  جيڪا بجيٽ کاٽي توڙي سم نالين جي ڪڙ تي مٽي جي لاءِ اچي ٿي ان جا ڪوڙا بل ٺهرائي سڀئي آفيسر ملي ڀڳت ڪري کائي وڃن ٿا.  آفيسر ڪڏهن به سم نالين جي سائيڊن تي وزٽ ناهي ڪئي ۽ نه ئي وري انهن کي خبر ئي آهي ته ڪهڙي سائيڊ ڪٿي آهي ۽ ڪنهن کي مليل آهي آفيسرن کي گهر ويٺي حصو پتي ملي رهيو آهي ته هو ڇو سائيڊن تي وڃي وزٽ ڪن هنن چيوته اسان ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر ڪوبه کڙتيل نه نڪتو آهي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيوته فوري طور تي ضلعي ۾ بند پيل پمپنگ اسٽيشنون  هلائيون وڃن ۽ سم نالين جي صفائي ڪرائي وڃي ۽ بند پيل ٽيوب ويل هلرائيا وڃن ته جيئن آبادگار وڌيڪ نقصان کان بچي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.