نوشهري ۾ عورت جو ٻارن سميت مڙس خلاف احتجاج

نوشهروفيروز (ڊ ر) ڳوٺ يعقوب تنيو جي رهواسڻ ثمرين پنهنجن 6 معصوم ٻارڙن ۽ ماسيءَ سان گڏ پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد صحافين آڏو روئيندي ٻڌايو ته منهنجي شادي ڳوٺ يعقوب تنيا جي رهواسي ضمير تنيو سان ٿيل آهي جنهن مان مون کي 6 معصوم ٻارڙن جو اولاد آهي پر منهنجو مڙس خرچ جا پئسا مون کان گهرندو آهي جنهن ڪري مان گهرن ۾ مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندي آهيان ۽ هن منهنجي ماسيءَ جون ٻڪريون وڪڻي به کپائي ڇڏيون آهن. اڄ منهنجو مڙس پئسا نه ملڻ تي مون مٿان بدترين تشدد ڪري مون کي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي.  ۽ غلط ڪم لاءِ مون مٿان زور ڀري رهيو آهي جنهن ڪري مان معصوم ٻارڙن سميت دربدر آهيان. هن وزيراعليٰ سنڌ سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مڙس خلاف ڪارروائي ڪري مون کي انصاف ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.