خيرپور ۾ ٽنڊو مستي پوليس خلاف عورتن سميت مظاهرو

خيرپور(ڊر ) خيرپور ڀرسان ڳوٺ حسو خان ڪانهر جي رهواسين عورتن مسمات هدايت خاتون ڪانهر ،شمشاد خاتون ،راحت خاتون ،ڪريمه خاتون .نازيه خاتون ۽ تنوير حسين ڪانهر ٽنڊومستي پوليس خلاف پريس ڪلب آڏو دانهيندي صحافين کي ٻڌايو ته ٽنڊومستي پوليس گذريل رات بناجواز گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پوليس گهر ۾ پيل هزارين روپيه روڪ رقم ،موبائيل فون ۽ گهريلو قيمتي سامان کڻي وئي آھي.  هنن ٻڌايو ته مخالف ڌر جي چوڻ تي پوليس هڪ مهينو اڳ اسان جي نوجوان حبدار پٽ محمد پنجل ڪانهر مٿان منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو هو جيڪو اڃا تائين بي ڏوهه جيل ۾ آھي ھاڻي وري ٻيهر ٽنڊومستي پوليس زندگي عذاب  بڻائي ڇڏي آھي پوليس خاموش رهڻ لاءِ  ٻيهر ڪوڙن ڪيسن ۾ اسان جي مردن کي ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، هنن آءِ جي سنڌ ،ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي ۽ اسان جو پوليس طرفان کنيل سامان واپس ڪرايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.