آءِ بي اي سکر جي ملازم جي ٻارن سميت بک هڙتال

سکر( رپورٽر) سکر جي آءِ بي اي يونيورسٽي جي ملازم شهزادو شيخ پنهنجي گھڙواري ۽ ٻارن سميت سکر پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئي، بک هڙتال تي ويٺل يونيورسٽي انتظاميا پاران مراعتون نه ملڻ خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي شهزادو شيخ ٻڌايو ته آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪم ڪندو آهيان، يونيورسٽي ۾ اوو ٽائيم ڪرڻ باوجود پئسا نه پيا ڏنا وڃن، يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر خالد احمد کان اوور ٽائيم گھرڻ تي مون کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو آهي، يونيورسٽي جي انتظاميا کي بحال ڪرڻ لاءِ چوڻ باوجود نوڪري تي بحال نٿو ڪيو وڃي، هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته يونيورسٽي انتظاميا پاران کيس جبري طور تي نوڪري مان فارغ ڪرڻ واري عمل خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.