حب ۾ اڄ مفت طبي ڪئمپ لڳائي ويندي

حب(ن ع آ) حب لڪي ميڊيڪل سينٽر ويجهو اسمارٽ اسڪول  پاران ناليواري ڊاڪٽر نريش ڪمار جي نگراني ۾ هڪ ڏينهن واري مفت طبي ڪئمپ اڄ 18 آڪٽوبر تي منعقد ڪئي ويندي،  جتي ڊاڪٽر نريش ڪمار اسسٽنٽ پروفيسر يورولاجي جي پي ايم سي گردن، مثاني، پٿري، مردانه غدود، ڪينسر جي مريضن جو مفت چيڪ اپ ڪندو،

پکو ۾ پ ٽ الف جي ٻن ڌڙن ۾ ووٽ جو مقابلو اڄ ٿيندو

پکو ( ن ع آ )  پ ٽ الف جو دنگل آخري مرحلي ۾ داخل , قمبر ضلعي ۾ اڄ استادن جي ٻن ڌڙن ۾ ووٽ جو مقابلو ٿيندو , ڇھن تعلقن جا ٽي ھزار استاد ووٽ جو حق استعمال ڪندا، سياسي ڌريون به سرگرم ٿي ويو , حمايتي پينل کي کٽرائڻ لاءّ ڊڪ ڊوڙ جاري , ضلعي جي ڇھن تعلقن تي استاد دوست پينل ۽ سنڌڙي پينل ۾ ننھن چوٽي جو زور , نصيرآباد تعلقي ۾ بنا مقابلي استاد دوست پينل جا اميدوار ڪامياب ٻين تعلقن تي زور آزمائي ٿيندي.  ضلعي جي سمورن تعلقن قمبر , وارھ , قبوسعيدخان , سجاول جوڻيجو , شھدادڪوٽ ۽ ميروخان تعلقن تي ( اڄ ) 18 آڪٽوبر تي تعلقي آفيسن ۾ 3000 پرائمري استاد ووٽ جو حق ادا ڪندا

جهڏي ۾ آل پاڪستان انڙ اتحاد جي گڏجاڻي.،مسئلن تي غور ويچار

جھڏو( ن ع آ ) ڳوٺ ملوڪ انڙ ۾ آل پاڪستان انڙ اتحاد جي باني سردار نوروز انڙ، جام عبدالسلام انڙ، انور علي انڙ، پاران انڙ برادري جي ضلعي بدين جي تعلقي باڊي جو اعلان ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انڙ برادري جي اڳواڻن سموري سنڌ ۾ برادري جي مسئلن ۾ بهترين ڪردار ادا ڪيو آهي، ھنن وڌيڪ چيو اسان انڙ برادري جي هر ڏک سک ۾ گڏ آهيون، خاص طور تي برادري جا باشعور خاندان پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارن ۽ نوجوان اڳتي وڌي ملڪ ۽ وطن جي خدمت ڪن،

سکر ۾ سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس، مهانگائي جي طوفان تي افسوس ظاهر

سکر( رپورٽر) وڌندڙ مھانگائي عام ماڻھو کان 2 ويلن  جي ماني کسي ورتي آھي. عام واھپي وارين شئين جا اگھ مقرر ڪرڻ باوچود ذخيرا اندوز ۽ بليڪ مارڪٽنگ ۾ ملوث دوڪاندارن ۽ واپارين خلاف ڪو به  ايڪشن نٿو ورتو وڃي ان تي  سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي ھفتيوار دستوري اجلاس ۾ ٺھراء پاس ڪري گھر ڪئي وئي ته  موجودھ صورت حال ۾ وڌندڙ مھانگائي کي اسٽاف ڪرائي غريب طبقي جي ماڻھن لاء ٿوري آساني پيدا ڪرڻ جا اپاء ورتا وڃن. . اجلاس  جي صدارت نوجوان شاعر منوھر لعل ڪئي. انھي اجلاس ۾ سردار پيرزادي ۽ سچل ڀٽي غزل ۽ مجيد نواز مغل نظم تنقيد لاء پڙھي جنھن تي دلبر ڀٽو، دودو ڀٽي، سعيد مغل، جام سعيد، ڪشور ڪمار، ايوب بلوچ، اياز بلوچ ۽ فرھاج قريشي تنقيدي رايا ڏنا.

جيڪب آباد ۾ جي يو آءِ جي ڪراچي جي جلسي جي حوالي سان جاڳرتا ريلي

جيڪب آباد (رپورٽ) جيڪب آباد ھلو ھلو ڪراچي ھلو جي يو آءِ جي ريلي، پريس ڪلب آڏو جعلي حڪومت جي خاتمي لاءِ ڌرڻو جميعت علماءِ اسلام پاران ھلو ھلو ڪراچي ھلو ۽ جعلي حڪومت نامنظور ريلي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا عبدالجبار رند، حمادالله انصاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دفتر جي يو آءِ جيڪب آباد مان ڪڍي ويئي مظاهرین کي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ ھئا.  جن شھر جي مختلف رستن تي مارچ ڪئي ۽ بعد ۾ پريس ڪلب آڏو پھچي ڌرڻو ھنيو ويو ان موقعي تي ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو ته وفاقي حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن پي ڊي ايم جو مقصد ملڪ جمهوريت جي بحالي آهي مھانگائي عوام جي زندگي ۽ موت مسئلو بڻجي ويو آهي ٻه ويلا ماني کائڻ به حڪومت ناممڪن بڻائي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.