چيلهار ۾مختلف ڌرين جا مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا

چيلھار ( رپورٽ جتيندر باغي ) چيلھار ۾ ڌار ڌار ڌرين مطالن جي مڃتا لاء احتجاج ڪيو جنھن ۾ چيلھار جي ابراھيم حجام نور محمد حجام صادق حجام ۽ ٻين چيو اسانجو ڪيترن ئي سالن کان برادري وارن سان زميني تڪرار ھلي رھيو آھي تڪرار جي خاتمي آڻڻ لاء اسان ڪيترائي دفعا احتجاج رڪارڊ ڪرائي ذميوار انتظاميان کي مسئلو حل ڪرڻ جو چيو پر اڻٻڌي ڪري ڇڏي ساڳئي مامري جي سامھون واري ڌر حجام حجام ۽ ٻين چيو جنھن زمين جو تڪرار ڄاڻائي رھيا آھن.  اھا سروي ٻنھي آھي انڪري اسانجو ان تي حق آھي،  ٻئي طرف رھواسين غلام رسول نھڙي مجتبي نھڙي الھداد ڪنڀر کيتو ميگھواڙ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ڪجھ ڏيھين اڳ شھر ۾ مڇر مار اسپري ڪرايو ان ۾ اسانجا گھر نظرانداز ڪري ڇڏيا آھن جنھن ڪري مڇرن رڻ ٻاري ڏنو مختلف بيماريون پيدا ٿي رھيون آھي اھڙي احتجاج بعد ٽي ايم او چيلھار چيو شھر جي اڪثر مھراج پاڙو, مالھي, سوٽھڙ, مھيشوري, ورتيا, ٻائوا, حجام, ميگھواڙ, پاڙن ۾ سميت ٻين پاڙن ۾ اسپري ڪيو ھو دوا کٽجڻ ڪري ڪم بند ٿيو جيڪو ٻيھر جلد شروع ڪيو ويندو ٻئي طرف بيڀاڻي ڀيل جي ڳوٺاڻن عوامي آواز اڳيان احتجاج ڪندي چيو اسان جو بيڀاڻي ڀيل شھر جي حد ۾ آھي پر اسانکي چونڊيل نمائيندن ھر سھولت کان نظر انداز رکيو آھي بيڀاڻي پاڙو ۾ اسٽريٽ لائيٽون لڳائي ٻيون سھولتون ڏنيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.