لاڙڪاڻي ۾ پوليس چڙهائي، 3 ڄڻا گرفتار، ڌرڻو، باهيون

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد بئنڪ اسڪوائر لڳ ذوالفقار باغ جي رهواسي چانڊيا برادري پاران ٽن نوجوانن جي گرفتاري ۽ پوليس چڙهائي خلاف ايس ايس پي چوڪ تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پوليس خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي، ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي جنهن ڪري شهرين کي سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو. ان موقعي تي فرحان علي چانڊيو پنهنجي وارثن سان گڏجي دانهيو ته منهنجي ڏاڏي رٽائرڊ ڊي ايس پي دوست محمد چانڊيو ۽ خير محمد چانڊيو جي گهرن تي ضلعي جي مختلف ٿاڻن سان واسطو رکندڙ 12 ٿاڻن جي پوليس چڙهائي ڪري گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻائي اوطاق ۾ ويٺل سئوٽن فرحان علي چانڊيو، بابر علي چانڊيو ۽ سندس دوست عبدالرئوف ابڙو کي بيگناهه گرفتار ڪري سول لائين ٿاڻي منتقل ڪيو جتي سندن مٿان منشيات، غيرقانوني هٿيار ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ جوڪيس داخل ڪري ڇڏيو . جڏهن ته پوليس چڙهائي دوران 7 تولا سونا زيور ۽ 4 لک روپيا روڪ رقم کڻي ظلم ڪيو آهي. هنن آءِ جي سنڌ، لاڙڪاڻي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته گرفتار نوجوانن کي آزاد ڪري داخل ڪيس ختم ڪري معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.