ٻارن جا موت گهٽائڻ لاءِ مڊ وائيف جو اهم ڪردار آهي: مهيش ملاڻي

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ميمبر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي چيو ته ڪميونٽي مڊ وائف نه صرف ٻارن جي فوتگين جي شرح گهٽائڻ ۾ پر ماءُ ۽ ٻار جي بهتر صحت جي حوالي سان پنهنجي فرض جي ادائيگي سان هڪ صحت مند معاشري جي قيام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪلچرل ڪامپليڪس هال مٺي ۾ ضلعي ٿرپارڪر جي 65 ڪامياب ڪميونٽي مڊ وائفز ۽ 8 معذور ماڻهن ۾ افراد آفر آرڊر تقسيم ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.  هن وڌيڪ اڄ جو ڏينهن محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ان نعري جي ساڀيان بينظير ايندي روزگار آڻيندي ۽ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عوامي خدمت کي ترجيح ڏيندي تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ انقلابي قدم کنيا آهن . هن چيو ته ٿرپارڪر ۾ مڊ وائف ڪورس ڪرائڻ جي لاءِ بلڊنگ جي تعمير جو ڪم مرحلي ۾ آهي جنهن ۾ ليڊي هيلٿ وزيٽرز جي تربيتي ڪورس جي شروعات ڪئي ويندي. ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي صحت کاتي سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته يونين ڪائونسل سطح تي ماءُ ۽ ٻار جي صحت مرڪزن کي وڌيڪ فعال بڻائي ڪميونٽي مڊ وائف جي مقرري ڪئي وڃي ۽ اڄ جي هي تقريب ان جي مثال آهي .هن ايم پي اي قاسم سراج سومرو کي صحت بابت پارليماني سيڪريٽري منتخب ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ صحت جي مسئلن جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوهو ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٿرپارڪر ڊاڪٽر گورڌن داس چيو ته سنڌ ۾ سڀ کان پهرين ضلعي ٿرپارڪر جي ڪامياب ڪميونٽي مڊ وائفز ۾ آفر آرڊر تقسيم ورهايا پيا وڃن جيڪا ضلعي ٿرپارڪر جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي . ان کان بعد ڪامياب ڪميونٽي مڊوائفز ۾ آفر آرڊر تقسيم ڪيا . تقريب ۾ اڳوڻي ضلعي ڪائونسل چئيرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو ، پي پي اڳواڻ سشيل ملاڻي ،  ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرز ڊاڪٽر چينو مل ، ڊاڪٽر انيل ڪمار ، نيوٽريشن آفيسر ڊاڪٽر نصرالله ، سماجي اڳواڻ اڪبر درس ۽ ڪامياب ٿيندڙ ڪميونٽي مڊ وائفز وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.