مظلوم ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس: مرتضيٰ ڪيريو

گڏاپ (رپورٽ : ممتاز شيخ ) نوجوان صحافي غلام مرتضى ڪيريو کي صحافتي خدمتن عيوض اولهه پريس ڪلب ۾  آجياڻو ڏنو ويو ان موقعي تي غلام مرتضى ڪيريو چيو  ته آء ٿورائتو آھيان دوستن جو جن مون کي مان ڏنو آھي ھن چيو ته صحافت ھڪ وڏي ذميواري آھي جنهن کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ ڪراچي جي ٻھراڙي جي ماڻھن جي خدمت تي اسان يقين رکون ٿا،انشاء الله اسان اولهھ پريس ڪلب جي صحافتي جدوجھد ۾ شامل ٿي مظلوم ۽ محروم ماڻهن جي خدمت ڪندس .ان موقعي تي پريس ڪلب جي چئيرمين محمد اصغر پاتڻي،صدر فاروق ڀنگوار، نائب صدر عبدالعليم ميمڻ، جنرل سيڪريٽري نظير بھار وڌيو  ڳالھائيندي چيو ته اسان شھر جا سک ڇڏي پنھنجي ٻھراڙي جي ماڻھن جي مدد خاطر جڏھن ھتي اچي موکيء جي ماڳ تي پريس ڪلب کوليو ته اسان تي شھر جا صحافي کلڻ لڳا ته ھن برپٽ جھنگ ۾ اوھان وٽ ڪير ايندو پر اسان پنھنجا حوصلا بلند ڪري ويهي رهياسين . . اڄ اسان جي اداري ۾ ماڻھو وڌ کان وڌ مسئلا کڻي ٿا اچن ۽ بنيادي مسئلن جي نشاندهي ڪريون پيا ۽ بنيادي مسئلن کي ايمانداري سان اعلي ايوانن تائين پهڇائڻ اسان جي ذميواري ۾ شامل آهي غلام مرتضي جو اسان جي سٿ ۾ شامل ٿيڻ سان خوشي ٿي آهي آخر  ۾  صحافي امداد لغاري،مصطفى پاتڻي، سردار مگسي، صابرعلي،محسن علي،ذوالفقار صديقي، محمود علي پاتڻي،،،،،، ۽  ٻين مرتضي ڪيريو ۽ شان سولنگي کي اجرڪن ۽ گلن جا تحفا پيش ڪيا جنهن بعد  اولھ پريس ڪلب جي صحافين موکيء جي مزار تي حاضري ڀري اجرڪ جي چادر چاڙھي سنڌ جي بقا آجپي لاء دعا گھري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.