لاڙڪاڻي ويجهو موٽرسائيڪل ۾ برقعو ڦاسڻ سبب عورت ڪري زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان قمبر روڊ تي تيز رفتار موٽرسائيڪل جي چين ۾ برقعو ڦاسڻ جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تان ڪِري ميروخان جي ڳوٺ علي بخش پنهور جي  رهواسڻ عورت ثمينه زال شعيب پنهور سخت زخمي ٿي پئي جنهن کي علائقي واسين زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن پاران زخمي عورت کي طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي عورت جي ڀاءُ عبدالباسط پنهور ٻڌايو ته اسين ڪم سانگهي قمبر وڃي رهيا هئاسين ته قمبر روڊ تي موٽرسائيڪل جي چين ۾ برقعو ڦاسڻ سبب ڀيڻ ثمينه ڪِري زخمي ٿي.

آريجن لڳ موٽرسائيڪل ترڪڻ سبب نوجوان ڪري مرڻينگ

خير محمد آريجا  )ن ع آ) خير محمد آريجا شهر جو رهواسي بسڪيٽن جي بيڪري تي ڪم ڪندڙ مزدور جنسار علي چنو ولد اللّٰه  رکيو چنو جيڪو آريجا باءِ پاس هوٽل تان چانھ وٺي واپس بيڪري تي اچي رهيو هو ته تيز رفتار موٽر سائيڪل هلائيندي نئي گڏ لاڙي کان موٽر سائيڪل ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب پاڻي جي نالي ۾ موٽر سائيڪل سميت ڪِري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳوٺاڻن نالي ٻاهر ڪڍي پرائيويٽ اسپتال پهچايو جتي زخمي جو اعلاج هلندڙ آهي.

لاڙڪاڻي ۾ جهيڙو، گولي لڳڻ سبب ٻار زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد ميروخان چوڪ ڀرسان حسين آباد ڪالوني ۾ وڳڻ ۽ مغيري برادري جي ٻن ڌرين ۾  جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران رولو گولي لڳڻ سبب دڪان ۾ پنهنجي پيءُ جي هنج ۾ ويٺل پنجن ورهين جو ٻارڙو توفيق پٽ خدابخش اوڍو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سندن وارثن فوري طور کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي مبينا طور ٻارڙي کي طبي امداد نه ڏيڻ تي ٻارڙي کي رت ۾ لت پت ڏسي سندس پيءُ ۽ ٻيا وارث زارون قطار روئيندا رهيا.  ان موقعي تي زخمي نينگر جي پيءُ خدابخش ٻڌايو ته پاڙي ۾ مغيري ۽ وڳڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو جتي فائرنگ جي نتيجي ۾ مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب منهنجو معصوم پٽ زخمي ٿيو. هن الزام لڳايو ته اسپتال ۾ کين داخل ڪرائڻ تي ڊاڪٽرن ۽ عملي کيس بروقت علاج نه ڏنو جنهن ڪري معصوم پٽ رت ۾ لت پت ۽ سندس حالت ڳڻتي جوڳي آهي. هن مطالبو ڪيو ته پٽ کي بهتر علاج ڏئي سندس حياتي بچائي وڃي. ان حوالي سان ايس ايڇ او وليد تنوير عباس ابڙو ٻڌايو ته وڳڻ ۽ مغيري برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي معاملي تان جهيڙي دوران رولو گولي لڳڻ سبب نينگر زخمي ٿيو جنهن واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

ٿاڻو بولا خان مان پ پ جي جلسي لاءِ اڄ سوين گاڏين جي ريلي نڪرندي

ٿاڻو بولا خان ( ن ع آ ) ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جي رکيل جلسي ۾ شرڪت لاءِ ٿاڻوبولاخان مان اڄ ريلي نڪرندي،  پ پ ايم پي اي  ملڪ اسد سڪندر، ايم پي اي گيان چند ايسراڻي ۽ ملڪ سڪندر خان جونيئير جي قيادت ۾ سوين گاڏين جو قافلو 10 بجي ٿاڻوبولاخان کان روانو ٿيندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.