مدئجي لڳ جهيڙي ۾ زخمي ٿيل نوجوان فوت

مدئجي(ن ع آ ) هفتو پهريان مدئجي جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ لائق ڪلهوڙو جي رهواسي ٻن ڀائرن وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٿيل  جهيڙي دوران زخمي ٿيل ڳوٺاڻوشاهنواز ڪلهوڙو زخمن جي سٽ نه سهندي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو جنهن جو لاش ايمبولينس ذريعي ڪراچي کان تعلقي اسپتال آندو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،جيڪو گهر پهچڻ تي وارثن ۾ قهرام مچي ويو، ياد رهي ته هڪ هفتو اڳ ٿيل جهيڙي دوران ڪهاڙيون لڳڻ سبب شاهنواز پٽ لائق ڪلهوڙو ,علي محمد ڪلهوڙو زخمي ٿيا هئا,جن مان هڪ ڄڻي شاهنواز ڪلهوڙو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي اسپتال نيو ويو هو جتي فوت ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.