جوهي ۾ ٻوڏ جا راڱا، جنازو پاڻي مان گذاريو ويو

جوهي ( ن ع آ ) جوهي لڳ ڳوٺ غلام رسول لغاري ۾ پيرسن حسين لغاري فوت ٿي ويو جنهن جي ميت دفنائڻ لاءِ رستو نه هجڻ ۽ حمل ڍنڍ جو پاڻي اچڻ سبب ڳوٺاڻا ميت کي پاڻي مان گُذر ڪرائڻ تي مجبور آهن.  ڳوٺاڻن پاران ميت کي ٻه ڪلوميٽرن تائين پاڻي مان جهاڳي اباڻي قبرستان تائين پهچايو آهي جتي سندس تدفين ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن پنهل لغاري، حسن لغاري ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته اهي چونڊيل نمائندن آڏو دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهن ته کين قبرستان تائين رستو ٺهرائي ڏنو وڃي، اليڪشن وقت واعده به ڪري وڃن ٿا مگر بعد ۾ واعده پاڙڻ ته ٺهيو مورڳو نظر ئي ڪونه ٿا اچن هنن مطالبو ڪيو آهي ته 15 کان وڌيڪ ڳوٺن جي قبرستان تائين رستو تعمير ڪرائي ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.