ٽنڊي الهياار ۾ پوليس ڪارروائي،غير قانوني ايراني تيل جو ٽريلرهٿ

ٽنڊو الهيا ( ن ع آ ) ٽنڊوالهيار پوليس جي وڏي ڪارروائي 15 هزار ليٽر سان ڀريل غير قانوني ايراني تيل جو ٽرالر تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ڊرائيور ۽ ڪلينڊر فرار خبر موجب بي سيڪشن پوليس ڳجهي اطلاع تي بڪيراشريف  باء پاس تي ناڪابندي ڪئي چيڪنگ دوران پوليس کي هڪ شڪي ٽريلر نظر آيو ٽريلر کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڊرائيور ۽ ڪلينڊر اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا پوليس غير قانوني ايراني تيل سان ڀريل ٽريلر کي بي سيڪشن پوليس ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو ان موقعي تي ڊي ايس پي اڪبر سمون ۽ ايس ايڇ او عمران چانڊيو ٻڌايو ته ايس ايس پي رخسار احمد کهاوڙ کي ڳجهي اطلاع هئي ته توهان جي حد مان غير قانون ايراني تيل جو ٽينڪر گذرندو جنهن بعد ايس ايس پي صاحب ٽيم تشڪيل ڏني ناڪابندي دوران تيل سان ڀريل ٽرالر پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي.  جڏهن ته ڊرائيور ۽ ڪلينڊر اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا مامري جي جاچ ڪريون پيا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.