بخشاپور ۾ڪارنهن تهمت ۾ماريل ناري جو ڪيس داخل

بخشاپور( ن ع آ ) بخشاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ لائق  خان جکراڻي ۾ ھڪ ڏينهن اڳ ڪارنھن الزام جي ڪڌي ۽ مدي خارج رسم ھيٺ  بيدردي سان قتل ٿي ويل 25 ورهين جي ناري مسمات نمرزي خاتون جي قتل جو ڪيس بخشاپور ٿاڻي تي چار جوابدارن مٿان سرڪار جي مدعيت تي اي ايس آء غلام قادر چولياڻي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي مقتولا ناري جو قتل ڪيس بالاچ پٽ ٿنگئي جکراڻي گهوٽل پٽ گونڊل جکراڻي ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آهي پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولا ناري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء ڳوٺ لائق جکراڻي ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي جوابدار گرفتاري جي خوف سبب گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن.  قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي پڪڙ ۾ آڻي لاڪپ حوالي ڪيو ويندو ـ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.