اوٻاوڙي لڳ پوليس ڪارروايون، 3 رپوش ۽ اشتهاري جوابدار گرفتار

اوٻاوڙو (ن ع آ ) اوٻاوڙو ايس ايس پي گهوٽڪي  عمر طفيل جي سخت ھدايتن تي روپوش  اشتھاري ۽ ٻين ڏوهارين جي خلاف کنڀڙا  پوليس جون ڪاروايون، کنڀڙا پوليس گشت دوران ھڪ ڳجھي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي ماڇڪا روڊ وٽان ڪشمور ٿاڻي تي ڪيس گناھ نمبر 118/2014 قلم 364.365B.339 ت پ جي ڪيس ۾ ھڪ اشتھاري جوابدارڳوٺ حاجي مدد علي ھاڻو پتو مرادا آباد صادق آباد جو رھواسي روزي ولد مبارڪ سولنگي کي گرفتارڪري ورتو .ھوڏانھن ٻئي طرف ريتي پوليس جون ڪاروايون اڄ ايس ايڇ او ريتي انسپڪٽر علي مراد عباسي بمه اسٽاف گشت دوران ھڪ ڳجھي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي نزد جھنگل ملڪ اڏي وٽان گناھ نمبر 15/2020 قلم 447.506/2.147.148.149 ت پ جي ڪيس ۾ ٻن روپوش  جھنگل ملڪ جا رھواسي ٻن جوابدارن حقنواز ۽ فدا حسين ڀٽو کي گرفتار ڪري ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.