ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي 36 هين ورسي، مزارن تي حاضري، ڀيٽا پيش

ٺٽو/دڙو/گهوڙا ٻاري/نوشهروفيروز (نمائندا ) ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي 36 هين ورسي جي موقعي تي قومپرست قيادت ۽ ڪارڪنن شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادريون چاڙهيون ۽ شهيدن کي  ڀيٽا پيش ڪئي، ان سلسلي ۾مليل ڄاڻ موجب جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي،  وائيس چيئرمين غلام سرور خشڪ، ڊاڪٽر ڪريم بلوچ، نظام جوکيو، سيف علي خشڪ، جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي، سورھه سنڌي، حاجي انور ڪرناڻي، نصير منگي، قيوم ابڙو، اسلم خيرپوري، نواز خان زئور ۽ انور ملاح ابرار ميمڻ، مير عبدالرحمان، سجاد ماڇي، عامر، نويد نظام، ساگرو وسطڙو، جيئي سنڌ محاذ رياض گروپ جو اياز لنجار، ايس يو پي جو اسلم ڪورجو، جيئي سنڌ محاذ جي محمد هاشم کوسو ، ثابت وسطڙو، جسقم آريسر جي اشرف لغاري، ملوڪ کوسو، جسقم جي ڪارڪنن آصف راهوجو، امجد مهيسر فقير، عبدالله کوسو، ايس اين پي جي بلاول ڏاهري ۽ ٻين ڌار ڌار قافلن جي صورت پير پٺو ۾ شهيد عبدالمالڪ خشڪ، نوشهروفيروز ۾شهيد امان الله وسطڙو ۽ دڙي ۾شهيد ذڪريا ميمڻ جي مزارن تي حاضري ڀري شهيدن جي مزارن تي گلن جون چادرون چاڙهيون ۽ کين ڀيٽا پيش ڪئي وئي، مختلف هنڌن تي ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته وقت جي رهزنن ٽوڙهي ڦاٽڪ جهڙو واقعو ڪري سنڌ امڙ کان پنهنجا پٽ جدا ڪيا اڄ به سنڌ ۾ قومي تحريڪن خلاف رياستي آپريشن جاري آهي، ان جي ڪري سنڌ مان سئو سيڪڙو قومي ڪارڪن، اديب، دانشور کنڀي گم ڪيا پيا وڃن، اهڙي عمل جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته شهيد قومن جو ورثو هوندا آهن جيڪا قوم پنهنجن شهيدن کي وساري ڇڏيندي آهي، اها قوم گهڻو وقت هلي ناهي سگهندي، اسان شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا ۽ شهيدن جون قربانيون ضرور رنگ لائينديون.

ٽوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد قرباني ڏئي امر ٿي ويا: صنعان قريشي

ٺٽو/ڄامشورو (پ ر) ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شھيدن جي 36 ھين ورسي جي موقعي تي جسقم جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي  ،وائيس چيئرمين سرور خشڪ جي اڳواڻي ۾ ٺٽي ۾ شهيد مالڪ خُشڪ جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي، ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ ٽوڙهي جي شهيدن جي ورسي آهي جن کي قومي سلام پيش ڪرڻ آيا آهيون، ٽوڙهي جي شهيدن سنڌ مٿان سر قربان ڪري پاڻ کي تاريخ ۾ سدائين لاءِ جيئرو ڪري ڇڏيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا وارث فقط سنڌي آهن، ٻيٽن سميت سنڌ جي سمنڊ، درياھ ۽ وسيلن تي قبضو برداشت نٿا ڪري سگهون ٻيٽن تي قبضي خلاف 25 آڪٽوبر تي ٻٻر لوءِ باءِ باس تي تاريخي ڌرڻو هڻي مسلسل جدوجهد جي شروعات ڪري رهيا آهيو، هن چيو ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ٻيٽن تان دستبردار نٿا ٿي سگهون، هر پر امن ۽ سگهاري سياسي جدوجهد جو حصو بڻجي ٻيٽن تان قبضو ختم ڪرائينداسين، جڏهن ته هوڏانهن ڄامشورو ۾ جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام ،سومر خان جمالي، جاويد شورو جي اڳواڻي ۾ شهيد مٺو بليدي، شهيد انور عباسي جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي سلامي پيش ڪئي، ان موقعي تي جسقم مرڪزي اڳواڻ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته آهي ته ٽوڙهي جي شهيدن سنڌ امڙ کي پنهنجي رت جو ريج ڏئي پاڻ کي سدائين لاءِ امر بڻائي ڇڏيو آهي، شهيدن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، ان موقعي سرمد هيسباڻي، ڪاشف باغي، علي بخش ڪابورو، وقار پنهور، عابد جمالي سميت ڪيترائي ڪارڪن موجود هئا.

شهيدن جي مشن تي هلي مقصد پورو ڪنداسين: اشرف ڪلهوڙو

ڪراچي (پ ر) جساف مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري  ياور خان مهيسر، شعيب ميمڻ، سراج خشڪ پري بيان جاري ڪندي چيو آھي ته ٽوڙھي ڦاٽڪ جي شهيدن کي سنڌ سان عشق ڪرڻ جي ڏوھ ۾ شهيد ڪيو ويو ھو اڄ شهادت ڏھاڙي تي شهيدن سان وچن ٿا ڪريون تہ سندن جي منشن تي ھلي مقصد پورو ڪنداسين،  ٻئي پاسي لاڙڪاڻو ۾ ٽوڙھي ڦاٽڪ جي شهيدن کي تصويرن اڳيان ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي، انهيء موقعي تي جساف مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي چيو تہ ٽوڙھي ڦاٽڪ جا شهيد شاگردن لاء اڄ بہ اتساھ بڻيل آھن ٽوڙھي ڦاٽڪ واقعي ۾ سمورا پرامن شاگرد ھئا جن تي زبردستي گوليون ھلائي کيس شهيد ڪيو ويو ھو، ٽوڙھي ڦاٽڪ جي شهيدن جو ڏوھ اھو ھو جو ھو وطن مالڪي ۽ وارثي ڳالھ ڪري رھيا ھئا، انهيء موقعي تي جسقم جي مرڪزي اڳواڻن ڏاڏو اطهر سومرو ۽ عزيزالرحمان شيخ تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ ٽوڙھي ڦاٽڪ جي شهيدن کي ورسي ڏھاڙي تي قومي سلام پيش ڪندي اھو وچن ٿا ڪريون تہ جيسيتائين سسن ۾ ساھ آھي تيسيتائين سنڌ جي آزاديء لاء جدوجهد جاري رھندي، تقريب ۾، جساف ضلعي اڳواڻ، فيصل عباسي، طارق ڪورائي، ظهور تنيو، مور شيخ، سميت جساف ۽ جسقم جا ڪارڪن شريڪ ھئا.

ٽوڙهي ڦاٽڪ جي امر شهيدن ساهه ڏئي ويساهه بحال ڪيو : شبير جمالي/سورهيه سنڌي

ٺٽو(ڊ ر) جيئي سنڌ تحريڪ طرفان ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن جي 36 هين ورسي جي موقعي  تي جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي، سورھ سنڌي، حاجي انور ڪرناڻي، نصير منگي،قيوم ابڙو جي اڳواڻي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن پير پٺو ۾  شهيد مالڪ خشڪ جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي، سورھ سنڌي ۽ ٻين چيو ته ٽوڙي ڦاٽڪ جا شهيد سنڌ جا امر شهيد آهن، جن ساهه  ڏئي ويساهه بحال ڪرايو، شهد ڪڏهن به مرندا ناهن شهيد تاريخ جا باب رقم ڪندڙ هوندا آهن.  هنن چيو ته سنڌ هن وقت بدترين صورتحال مان گذري رهي آهي سنڌ جي ٻيٽن تڏي قبضو ڪري سنڌ جي دل ڪراچي کي ڌار ڪرڻ لا۽ سازشون سٽيون پيون وڃن ٿاڻي بولاخان لڳ وڏو هوائي فوج جو اڏو قائم ڪيو ويو آهي، بحريا ٽائون ڊي ايڇ اي سٽي اربن گرين سٽي جهڙا منصوبا ٺاهي ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي سنڌ اندر مذهبي بنياد پرستي کي هٿي ڏياري سنڌ جو پرامن ماحول کي خراب ڪرڻ جي سازش سٽي وئي آهي اهڙي صورتحال ۾ سنڌين کي ايڪي ۽  ٻڌي جو مثال قائم ڪري جدوجهد ڪرڻي پوندي ان کان اڳ جيئي سنڌ تحريڪ جي شهيد مرڪزي چيئرمين شهيد شفيع محمد ڪرناڻي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.