ڪنڌڪوٽ ۾قتل ڪيل ناري جو لاش رکي ڌرڻو، پوليس ڪڙڪي پئي

ڪنڌڪوٽ(ڊ ر)ڪنڌڪوٽ ويجهو ڳوٺ خير شاه جي رهواسين متاثرين خاندان گذريل ڏينهن ڏير هٿان قتل ٿي ويل مقتولا نمرزي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن مختلف مختلف هنڌن تي احتجاج ڪيا ۽ پورو ڏينهن  انصاف لاءِ لاش کي رولائيندا رهيا مقتولا جي وارثن پنهنجي ڳوٺ خير شاهه،ايس ايس پي آفيس جي مين گيٽ ۽ بعد ۾ ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪيو ۽ ڊي ايس پي علي بخش پهچي ڳالهين بدران احتجاج ڪندڙن مٿان ڪڙڪي پيو ۽ مقتولا جي چاچي کي چماٽون وهائي ڪڍيون ۽ زوري روڊ کولرائي لاش ڊاٽسن تي رکرائي احتجاج ڪندڙن کي بغير انصاف جي روانو ڪري ڇڏيو . ان سلسلي ۾ متاثرين خاندان مقتولا نمري جي والد جوڏو فقير امڙ الله ڏني جو چوڻ هو ته  گذريل ڏينهن جوابدار ڏير جمشير نياڻي کي ناحق قتل ڪيو ۽ ڪوڙو ڪارنهن الزام مڙهيو ويو  پوليس الٽو اسان کي مارڪٽ ڪري رهي آهي ۽ انصاف خاطر احتجاج ڪيون پيا ته تشدد ڪيو پيو وڃي متاثرين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پوليس جي زيادتين جو نوٽس وٺي مقتولا جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.