نوابشاهه ۾معصوم ٻارڙو کيڏندي گٽر ۾ ڪري فوت

نوابشاهه(رپورٽ: اڪرم چانڊيو) بدليا انتظاميه جي نااهلي سبب گلن جھڙو معصوم کليل گٽر ۾ ڪري فوت، گھر ۾ قھرام خبر  موجب نوابشاهه جي ھائوسنگ سوسائيٽي واري علائقي سچل سرمست ڪالوني جي رھواسي ولي خان جو ٽن ورھين جو پٽ عباس خان گھر کان کيڏڻ جي لاءِ نڪتو ته کليل گٽر ۾ ڪري پيو، علائقي واسين معصوم ٻار کي پنھنجي مدد پاڻ تحت گٽر مان ٻار جو لاش ڪڍيو ته معصوم ٻار جو لاش ڏسي والدين جي بيھوش جا دورا پئجي ويا، جڏھن ته ان موقعي تي پختون ايڪشن ڪميٽي لويه جرگه نوابشاهه جي چيئرمين ترڪئي خان، سليمان خليل سخت احتجاج ڪندي چيو ته سچل سرمست ڪالوني ۾ کليل گٽر معصوم ٻارڙن جي موت جو سبب آھن ڪيترائي ٻار گٽرن ۾ ڪري فوت ٿي ويا آھن ليڪن بلديا انتظاميه جي ڪن ته جون به نٿي ڇري، ھنن مطالبو ڪيو ته کليل گٽرن کي بند ڪري معصوم ٻارڙن جون زندگيون بچايون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.