ڏيپلي ۾ ڊاڪٽرياڻي خلاف احتجاج، علاج نه ڪرڻ جو الزام

ڏيپلو (ت ر) ڏيپلو ۾ راهمان برادري جو تعلقه اسپتال ڏيپلو جي ڊاڪٽرياڻي خلاف احتجاجي مظاهرو۔ خبر موجب ڏيپلو پريس ڪلب تي راھمان برادري جي ماڻهن تعلقه اسپتال ۾ مقرر ڊاڪٽرياڻي خلاف ڏيپلو ۾ احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو. ڏيپلو اسپتال ۾ مقرر ڊاڪٽرياڻي ريٽا مھشوري مريضن جو علاج ڪرڻ بدران مٺي يا بدين اسپتالن ڏانهن وڃڻ جا مشورو ڏيڻ لڳي. جمع جي ڏينهن 11 بجي تعلقه اسپتال ۾ ڊليوري ڪيس آندو جنهن کي ڏسي ڊليوري نه ٿيندي اڃا ستون مھينو جو چئي ٽاري ڇڏيو, باقي علاج مٺي مان وڃي ڪرايو مون وٽ ٽائيم ناھي.پريشان ٿي ڪري اسان بي ايڇ يو ويڙيجھپ پھتاسين جتي پي پي ايڇ جي مقرر ڊاڪٽرياڻي 3 ڪلاڪن کان پوء نارمل ڊليوري ڪرائي. اھڙي ڊاڪٽرياڻي کان ته اسان جي ٻھراڙي ۾ دايون بھتر آهن گھٽ ۾ گھٽ مريض کي پريشان ته نٿيون ڪن. ڳوٺ تلو ،ٿوهرڇهو، مالڪار، ڊاڀڙو ۽ ٻين جي آيل ماڻھن ملوڪ راهمون، رمضان، محمدالرحيم، اشرف ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اھڙي قسم جي لاپرواھ ڊاڪٽرياڻي کي نوڪري ڪرڻ جو ڪو حق ناھي اسان انتظاميان توڙي ڊي ايڇ او ٿرپارڪر کان مطالبو ٿا ڪيو ته نئين ڊاڪٽرياڻي مقرر ڪري ايندڙ مريضن سان انصاف ڪيو وڃي جڏھن ته ڊاڪٽرياڻي ريٽا سان رابطو ڪرڻ تي انھي چيو ته اسان مريض کي ڇو نه ڏسنداسون اسان جو ڪم آھي مريض جي خدمت ڪرڻ ۽ اسان وٽ ڪو مريض سيريس يا نارمل نه ٿيڻ جو ڪيس اگر اچي ٿو ته اسان انھي کي مٺي ريفر ڪندا آھيون باقي نارمل ڊليوري اسان ھتي ڪندا آھيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.