شهيد عزيز ميمڻ جو قاتل پڪڙيو وڃي:ڀاءُ

سکر( رپورٽر) محرابپور جي شھيد صحافي عزيز ميمڻ جي وڏي ڀاءُ حفيظ الرحمان ميمڻ ۽ وڏي پٽ فائق ميمڻ سان گڏجي سکر پريس ڪلب ۾ پاڪستان يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي نائب صدر لالا اسد پٺاڻ  سان ملاقات ڪئي ۽ عزيز ميمڻ قتل ڪيس جي ماسٽر مائينڊ مشتاق سھتو ۽ قتل ڪيس پٺيان لڪيل ھٿ ظاھر نه ٿيڻ بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. جوابدارن پاران صحافي عزيز ميمڻ جي وارثن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ لاءِ ڪيل درخواستون ۽ ٻيا معاملا به بحث ھيٺ آيا. ان موقعي تي حفيظ ميمڻ نوشهروفيروز يونين آف جرنلسٽس، سکر يونين آف جرنلسٽس، پي ايف يو جي ۽ لالا اسد پٺاڻ جي ساراھ ڪندي چيو ته سندن عملي جدوجھد شھيد عزيز ميمڻ جي جوابدارن جي گرفتاري ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.  ان موقعي تي لالا اسد پٺاڻ اي آء جي حيدرآباد ڊاڪٽر جميل احمد سميت ٻين اعلي آفيسرن سان رابطو ڪري کين ھڪ ھفتي جو ٽائيم ڏيندي چيو آهي ته مھرابپور جي سينئر صحافي عزيز ميمڻ جي قتل کي 9 مھينا گذرڻ باوجود سندس قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدار مشتاق سھتو کي گرفتار ناھي ڪيو ويو. جيڪڏھن فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي. ان موقعي تي اين يو جي جو زاھد قائمخاني ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.