همايون لڳ حادثي ۾ فوت ٿيل ٽن ڄڻن جي تدفين

سلطان ڪوٽ( ن ع آ )   همايون شريف ۾ قومي شاهراهه روڊ تي لڱ ڪانڊاريندڙ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيلن 3 ڄڻن جي جنازي نماز بعد،  سوين آلين اکين سان تدفين علائقي واسين جي وڏي انگ ۾ شرڪت سلطان ڪوٽ: همايون شريف ۾ قومي شاهراهه روڊ تي تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ همايون شريف واسي 3 ڄڻا چيڀاٽي فوت ٿي ويا هئا، روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل 3 ڄڻن جا مڙهه بنيادي سهولتون نه هئڻ سبب وارث ڊاٽسن ۽ ڊوزر رڪشا ۾ گهرن ڏانهن کڻائي ويا، جڏهن ته عوام جي محافظ قرار ڏنل پوليس به پنهنجا جوهر ڏيکاريندي روڊ حادثي دوران تحويل ۾ ورتل ڪار پئسن عيوض ڏيتي ليتي تي ڇڏي ڏني، اهڙي قسم جا اطلاع ملڻ تي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن جو رد عمل سامهون اچي ويو  فوتي جي وارثن همايون شريف ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي همايون شريف پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ مسلسل ٻن ڪلاڪن تائين قومي شاهراهه روڊ کي بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب مختلف شهرن ڏانهن سفر ڪندڙ مسافر گاڏين ۽ ڪارگو گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، جنهن بعد ڊي ايس پي سلطان ڪوٽ مبارڪ علي ملڪ همايون شريف پهچي فوتي جي وارثن سان ڳالهيون ڪيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.