لاڙڪاڻي ڀرسان ڪتن 11 ڄڻا ڏاڙهي وڌا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو هڪ ئي ڏينهن وڌيڪ 7 ٻارن، ٻارڙين ۽  هڪ عورت سميت 11 ڄڻن کي رولو ڪتن چڪ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾  6 سالن جو نينگر عمر پٽ راحب علي، 7 سالن جو نينگر احد علي پٽ امير علي، 7 سالن جي نينگري تبسم ڌيءُ مير محمد، 8 سالن جو نينگر محمد اسماعيل پٽ محمد ابراهيم، 10 سالن جو نينگر محمد قاسم پٽ محمد علي، 12 سالن جي صنم ڌيءُ نظير ٽڳڙ، 15 سالن جي نينگري ڪلثوم ڌيءَ نبي بخش، 22 سالن جو عبدالرسول پٽ عبدالحميد، 35 سالن جي صغريٰ زال محمد سچل جتوئي، 42 سالن جو گلشن پٽ محمد شريف ۽ 60 سالن جي پيرسن نور خاتون زال سڪيلڌو شامل آهن.  جن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز سينٽر آندو جتي کين ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.