اسلام ڪوٽ ۾اسلم فقير جي ڇهين ڏينهن به بک هڙتال

مٺي(بيوروچيف) اسلام ڪوٽ جي فقير پاڙي جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف اسلام ڪوٽ جي نوجوان راڳي اسلم فقير  ۽  سندن برادري جي ماڻهن پاران پريس ڪلب آڏو قائم ڪيل بک هڙتالي ڪئمپ ڪالھ ڇهين ڏينهن بہ جاري رهي،جتي اسلم فقير سميت برادري جي ماڻهن سميت مختلف شهرن کان آيل سياسي سماجي اڳواڻن صدرالدين مالڪاڻي،سيد غلام رسول شاه،جي ايم شاه،سورج جئپال،نثار نهڙيو،رفيق بجير،ڪي بي جوکيو،بشير فقير،ڀٽو فقير ۽ ٻين  ڪئمپ تي يڪجهتي طور شرڪت ڪري سخت نعريبازي ڪئي،ا ُنهي  موقعي تي راڳي اسلم فقير دانهيندي چيو ته آئون صرف نالي گهران ٿو،پر ڇهن ڏينهن جي احتجاج باوجود ڊي سي به نوٽيس ناهي ورتو،آئون پنهنجن جائز مطالبن جي مڃتاءُ تائين احتجاج جاري رکندس،،ٻئي پاسي يڪجهتي لاء پهتل اڳواڻن   چيو تہ راڳي اسلم فقير جو جائز مطالبو جلد حل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.