لاڙڪاڻي جا 6 کنڀيل اڃا ڪوٽن جا قيدي، وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي آزاديءَ لاءِ سندن وارثن پاران ڪالهه به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن پنهنجي پيارن جي تصويرن وارا بئنر هٿن ۾ کڻي  سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي مختيار بيگم خاتون چانڊيو، عبداللطيف سولنگي، عبدالڪريم ٽڳڙ، ضياءُ الدين مغيري ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ پاڙي مان 22 نومبر 2017ع تي اسٽيٽ لائيف جي ملازم غلام مرتضيٰ سولنگي کي، 23 آگسٽ 2018ع تي پرائمري استاد ڪاشف علي ٽڳڙ ۽ 26 نومبر 2019ع تي شهر جي خالق ڪالوني مان پورهيت نوجوان غلام عمر مغيري کي کنڀي گم ڪيو ويو جڏهن ته 7 جولاءِ 2020ع تي عاقب چانڊيو کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو . جن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو آهي.  هنن چيو ته جيڪڏهن اسان جي پيارن مٿان ڪي ڪيس داخل آهن ته کين قانون موجب عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي کين جبري طور کنڀي قيد ڪري اسان جي تڪليفن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي جنهن ڪري اسان کان پنهنجون خوشيون به وسري ويون آهن. هنن وزيراعظم، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، چيف آف آرمي اسٽاف سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا اسان جي احتجاج جو نوٽيس وٺي جلد کان جلد اسان جي پيارن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن جيئن اسين پنهنجي پيارن سان پنهنجون خوشيون ملهائي سگهون.

اوٻاوڙي ۾ وارثن جو عورت ۽ نينگر جي اغوا خلاف احتجاج

اوٻاوڙو (ن ع آ ) اوٻاوڙو لڳ ڪمون شهيد جي ڳوٺ حاجي شهيد واسي عثمان ڪوري پنهنجي گهر ڀاتين پوڙهي ماء مسمات صغران  ڪوري معصوم برڪت ڪوري سان گڏجي نيشنل پريس ڪلب ۾احتجاج ڪندي چيو ته 20 ڏينهن اڳ پنج هٿيار بندن هٿيارن جي زور تي اسان جي برادري سان واسطو رکندڙ راڻو ڪوري عاشق ڪوري گل ڪوري اربيلو ڪوري هڪ نامعلوم همراه جنهن کي اسان ڪونه سڃاتو جيڪي رات جو اسان جي گهر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور سان اسان کي يرغمال ڪري منهنجي گھر واري مسمات شبنم ڪوري ۽ معصوم پٽ امجد ڪوري کي اغوا ڪري کڻي ويا.  جنهن کان پوءِ اسان اوٻاوڙو ٿاڻي تي پهتاسين پر اوٻاوڙو پوليس اسان جي هڪ به نه ٻڌي جنهن بعد اسان انصاف لاء ڪورٽ سڳوري ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي پر هوڏانهن جوابدار قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اسان ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل صاحب ڏي به ويا آهيون پر اسان کي انصاف نٿو ملي اسان جي ڊي ائي جي سکر آئي جي سنڌ وزير اعلي سنڌ سپريم ڪورٽ کي اپيل آهي ته منهنجي گهرواري ۽ منهنجي ٻچڙي کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي مون کي  جوابدار ڌمڪي ڏين ٿا ته اسان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ته تنهنجي گهرواري ۽ تنهنجي پٽ کي ماري ڇڏيندا سين.

لاڙڪاڻي ۾ نوجوان گم، وارث پريشان

لاڙڪاڻو(ڊ ر ) سکر شهر جي پراڻي ٿرمل پاور چهواڻ محلي جي راهوسي 23 سالن جو نوجوان علي محمد پٽ محمد صالح چهواڻ  لاڙڪاڻي شهر جي سول اسپتال مان علاج دوران پراسرار نموني گم ٿي ويو وارثن طرفان ڳولا ۽ حد جي سول لائين ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏيڻ جي باوجود نوجوان هٿ نه اچي سگهيو آهي. ان حوالي سان گم ٿيل نوجوان جي ڀاءُ غلام محمد چواڻ صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي ڀاءُ جو ذھني توازن درست ناهي کيس 12 آڪٽوبر تي سکر مان لاڙڪاڻي جي سول اسپتال جي سائڪاٽري وارڊ ۾ علاج لاءِ داخل ڪرايو جنهن کان پوءِ اڱاري ڏينهن آءُ دوا وٺڻ لاءِ اسٽور تي ويس جتان دوائون وٺيس ته پويان هو گم ٿي ويو.  جنهن جي گهڻي ڳولا کان پوءِ حد جي سول لائين ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر 5 ڏينهن گذرڻ جي باوجود هٿ نه اچي سگهيو آهي جنهن ڪري سڀ گهر ڀاتي پريشان آهيون. هن ضلعي پوليس ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڀاءُ جي ڳولا مدد ڪئي وڃي.

راڌڻ ۾ ناري جي مبينا اغوا خلاف احتجاج

راڌڻ ( ن ع آ ) راڌڻ مان مبينا اغوا ڄاڻايل سپنا جو سُهرو وزيرعلي خاصخيلي پنهنجي پٽ صدام خاصخيلي سان گڏ ٿرڙي محبت پريس  ڪلب پهچي سموري الزامن کي رد ڪندي ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي  چيو ته راڌڻ جي رانگڙ پاڙي  جي رهواسڻ سپنا ڌيءِ سڪندر علي خاصخيلي 3مهينا اڳ مرضي سان منهنجي پٽ وقارسان عدالتي شادي ڪئي، بعد ۾  اسان سپنا جي وارثن کي ڀائپي پڻ ڏئي چڪا آهيون، منهنجي نُهن  سَپنا کي سندن پيءُ سڪندر خاصخيلي ۽اُن جي ڀائرن  هڪ مهيني کان سندن گهر۾ ويهاري چڏيو هو، هنن الزام هنيو ته سڪندر خاصخيلي هڪ لالچي قسم جو ماڻهو آهي.  جنهن سپنا کي ٻئي هنڌ پرڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ڌيءِ کي  طلاق ڏيارڻ لاءِ زور ڀريو جنهن ڪري ڇوڪري پنهنجي مڙس سان وقارسان مرضي موجب  نڪري وئي . جنهن جي اسان کي به ميڊياذريعي ڄاڻ ملي، وزيرخاصخيلي وڌيڪ ٻڌايو ته سڪندرسان مٽي مائٽي آهي سندس جي ڌي منهنجي ٻئي پُٽ صدام کي به ڏنل آهي جنهن مان هڪ سال جو پٽ به آهي اها نُهن به هن چئن مهينن کان ويهاري ڇڏي آهي جنهن لاءِ پڻ طلاق ڏياري ٻئي هنڌپرائڻ جا جتن ڪري رهيو آهي،ايس ايس پي دادو ۽ٻيا وس وارا معاملي جو نوٽيس وٺي

ٺل ۾ گم ٿيل نينگر پاڻمرادو گهر پهچي ويو، وارثن ۾ خوشي

ٺل(نمائندا)ٺل مان پنج ڏينهن اڳ گم ٿيل نوجوان پاڻمرادو گهر پهچي ويو،وارثن ۾ خوشي جي لهر،خبر موجب ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي  جي حد لڳ دينپور جو رهواسي 20 ورهين جو نوجوان کير جو واپاري عبدالحفيظ ولد علي محمد پنهور پنج ڏينهن اڳ گم ٿي ويو هو،جيڪو پاڻمرادو گهر پهچي ويو آهي،نوجوان جي گهر پهچڻ بعد سندس گهر ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آهي،نوجوان عبدالحفيظ پنهور 5 ڏينهن اڳ گم ٿي ويو هو،جنهن جا وارث پريشان هئا، نوجوان عبدالحفيظ پنهور جي وارثن علي گل ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جو نوجوان 5 ڏينهن اڳ گم ٿي ويو هو،جيڪو ڪالهه گهر پهتو آهي،اسان کي خوشي ٿي رهي آهي.

ڏهرڪي لڳ شاگرد اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

ڏهرڪي (ت ر) ڏهرڪي مان نجي اسڪول جي معصوم شاگرد صديق ڪالوني جي رهواسي فيضان سميجو کي ڏهرڪي جي  روڊ رھڙڪي تان مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ شاگرد جي رڙين تي پوليس موقعي تي پهچي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو  نجي اسڪول جي معصوم شاگرد چيو ته مان اسڪول کان پنهنجي گهر واپس اچي رهيو هيس اچانڪ هڪ موٽر سائيڪل سوار مون کي اغوا ڪري کيون وڃي رهيو هو ته مان رڙيون ڪيون ته رھڙڪي روڊ ويندڙ ماڻهن ۽ اڳيان پوليس چوڪي لڳل هئي جنهن منهنجون بچايو بچايو جون رڙيون ٻڌي جوابدار آصف لغاري پٽ عبدالقادر لغاري کي گرفتار ڪري ورتو ۽ جوابدار آصف لغاري کي ڏهرڪي ٿاڻي جي پوليس ٿاڻي تي کڻي آئي ۽ معصوم شاگرد جا وارث ڏهرڪي ٿاڻي تي پهتا ته انهن وارثن به اهو بيان ڏنو ته اهو جوابدار اسان جي معصوم نينگر کي کڻي اغوا ڪري کيون وڃي رهيو هو.

گپچاڻي لڳ موبائيل وٺڻ لاءِ ويل نينگر گم، وارث پريشان

گپچاڻي ( ن ع آ ) گپچاڻي ڀرسان ڳوٺ پير بخش گپچاڻي جو رهواسي 14 ورهين جي نينگر تصور حسين پٽ علي حُسين   گپچاڻي گذريل ڏينهن پنهنجي ڳوٺ کان موبائيل فون وٺڻ لاءِ نڪتو ته اڃاتائين گهر واپس ناهي آيو، جنهن ڪري سندس وارث سخت پريشان آھن، ان سلسلي ۾ نوجوان جي ڀاءُ تنوير حسين ٻڌايو ته  ڀاءُ تصور گذريل ڏينهن گهران موبائيل وٺڻ لاءِ  نڪتو ته  اڃاتائين ناهي موٽيو، هن چيو ته سندس ڏاڍي ڳولا ڪئي آھي، پر ڀاءُ جو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، هن اختيارن کان مطالبو ڪيو ته  سندس ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.