مبارڪپور لڳ عورت فوت، ڊاڪٽرياڻي تي غفلت الزام

مبارڪپور ( ن ع آ ) مبارڪپور ويجهو هفتو اڳ  مبارڪپور جي سرڪاري اسپتال مان ڊليوري ڪيل عورت رت جي کوٽ سبب ميان  صاحب جي خانگي اسپتال ۾ فوت ،ڊاڪٽرياڻي کان ويم ڪرائيندڙ عورت جي رت نہ بيهڻ سبب  فوتگي، ٿي آھي وارث.عورت جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. خبر موجب ؛ مبارڪپور ويجهو هفتو اڳ مبارڪپور جي سرڪاري اسپتال مان ڊليوري ڪرائڻ بعد عورت جي رت نه روڪڻ سبب رت جي ڪمي سبب ڳوٺ علي مراد بروهي جي رهواسيڻ ڪرم الله بروهي جي زال  مسمات جاڙل  سرڪاري اسپتال مبارڪپور  ۾ ويم ڪيو هو، جنهن جي ويم ٿيڻ کان پوءِ رت مسلسل وهندي رهي، وارثن 6  ڏينھن تائين مختلف هنڌن تي علاج ڪرايو پر عورت جو رت نه رڪيو جنھن سبب جسماني رت گهٽ هجڻ سبب فوتگي ٿي وئي،  فوت ٿيل عورت جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرم مچي ويو، ياد رهي تہ مبارڪپور اسپتال ۾ مبينا طور تي سيکڙاٽ ڊاڪٽرياڻي ھٿان اڪثر غلط ويم ڪرائڻ سبب ڪڏھن نئون جنم وٺندڙ ٻار ته ڪڏھن ٻار کي جنم ڏيندڙ امڙيون موت جي منھن ۾ ھليون وڃن ٿيون، ڪجھ ڏينھن پھريان به عطائي ڊاڪٽرياڻي ھٿان ھڪ انساني زندگي ضايع ٿي ھئي، ان کان پوءِ عطائي ڊاڪٽرياڻي جي مڙس علائقي جي معززين کي ميڙ وٺي وڃي معافي ورتي ھئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.