ميان صاحب ۾ علاج دوران عورت دم ڏئي ڇڏيو

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب شھر ۾ قائم پرائيويٽ  عورتاڻي اسپتال ۾ دؤران علاج يوسي مبارڪپور جي ڳوٺ علي مراد بروھي جي رھواسڻ عورت 30 ورھين جي مسمات شھزادي زال ڪرم الله بروھي فوت ٿي وئي  ڊاڪٽرياڻي پاران عورت جي فوت ٿيڻ جي تصديق جنھن بعد سندس وارث لاش ايمبولينس ذريعي ڳوٺ کڻائي آيا لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو ڊاڪٽرياڻي موجب تہ فوتڻ عورت کي رت جي شديد کوٽ ھئي جنھن سبب فوت ٿي آھي ٻي طرف سندس مڙس ڪرم الله بروھي جو چوڻ ھو تہ گھرواري جي ڊليوري ھفتو اڳ مبارڪپور جي پي پي ايڇ آئي سينٽر ۾ ٿي ھئي جنھن دؤران رت وڌيڪ ضايع ٿيڻ سبب گھرواري ڪمزور ٿي وئي ھئي ڪمزوري سبب طبيعت ۾ سڌارو نہ اچڻ ڪري کيس علاج ڪرائڻ لاءِ ميان صاحب ۾  پرائيويٽ ڊاڪٽرياڻي جي اسپتال کڻائي ويا سي جتي دؤران علاج گھرواري فوت ٿي آھي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.