همايون لڳ پراڻي دشمني تان حملو،3 ڄڻا رتورت

ميان صاحب / سلطان ڪوٽ( نمائندن وٽان ) ھمايون ٿاڻي جي حد مخولپور چوڪي لڳ ٺل تعلقي جي ڳوٺ شاهنواز بروهي واسي ڳوٺاڻا  ساٿي بروهي ۽ دين محمد بروهي ، لعل بخش بروهي ، قاسم بروهي ۽ ٻيا جيڪب آباد کان ڪورٽ جي حاضري بعد واپس ڳوٺ وڃي رهيا هئا تہ همايون ٿاڻي جي حد مخولپور پوليس چوڪي ڀرسان سندن ئي برادري جي عبدالجبار بروهي ، نظرمحمدبروهي ، قادربخش بروهي سميت 5 کان مٿي هٿياربندن پراڻي تڪرار تان مبينا حملو ڪري کين زخمي ڪري ڇڏيو جن کي همايون ٿاڻي تي آندو ويو جتي زخمين کي علاج لاء ليٽر ڏئي شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏھن تہ هڪ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ٻئي طرف همايون ٿاڻي تي بروهي برادري جي 9 جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.