غوثپور ۾ پيشي دوران ماريل ڳوٺاڻي جي وارثن جو ڌرڻو

غوثپور( ن ع آ ) ھڪ ھفتو اڳ قتل جي ڪيس ۾ تنگواڻي سول ڪورٽ ۾سکر سينٽرل جيل مان حاضري تي آيل مولا بخش عرف  نادر چولياڻي کي چولياڻي برادري جي ھٿيار بندن تنگواڻي جي سول ڪورٽ ۾ اندر پوليس انتظاميا جي پرواھ نه ڪندي جوابدارن ڪورٽ سڳوري ۾ داخل ٿي حاضری تي آيل مولا بخش عرف نادر چولياڻي کي بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ھو. پوليس بروقت ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو هو ۽ ٻيا جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ڪامياب ٿي ويا ھئا. مقتول جي وارثن صحافين کي دانھيندي ٻڌايو ته تنگواڻي ڪورٽ سڳوري ۾ مقتول نوجوان جڏهن سينٽرل جيل سکر مان حاضري تي آيو ته سندس ھٿيار بند قتل ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا.  پوليس جي نااهلي سبب ھٿيار بند سري عام ھٿيار سان ڪورٽ سڳوري ۾داخل ٿي اسان جي سامهون نوجوان کي بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو پوليس اهلڪارن اھڙي ڏوھ تي ڪابه مذاحمت نه ڪئي ۽ھٿيار بند آساني سان قتل ڪري فرار ٿي ويا پوليس ھڪ جوابدار کي موقعي تي گرفتار ڪري ورتو هو جڏهن ته پوليس جي نااهلي سبب اھيو واقعو پيش آيو .ايس ايس پي ڪشمور امجد علي شيخ کان فوري جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو۽انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.