سکر پوليس جي ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سکر( رپورٽر) سکر پوليس پاران مقابلي ۾ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، هٿيار هٿ، خبرموجب سکر پوليس جي  ترجمان مير بلال لغاري پاران جاري ڪيل بيان ۾ ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون دعويٰ ڪئي آهي ته ائيرپورٽ ٿاڻي جي حد آر آر پڪٽ ڀرسان پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي پيو، مقابلي جي نتيجي ۾ مختلف ڏوهي وارداتن ۾ ملوث جوابدار شاهه رخ ڏهر کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. گرفتار جوابدار پوليس کي چوري، ڦر ۽ پوليس مقابلن جي ڪيسن ۾ گھربل هو، جوابدار کي علاج لاءِ سول اسپتال سکر داخل ڪيو ويو آهي. پوليس مقابلي دوران ڦر ٿيل ڪار پڻ هٿ ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.