ڊرگهه بالا لڳ گهر کي باهه، 3 ٻڪريون ۽ سامان رک

ڊرگهه بالا ( ن ع آ ) ڪاڇي جي ڳوٺ ٺٻائي لنڊ ۾  پورھيت راھب لنڊ جي گھر کي اچتو باھ لڳل سبب سڄو گھر سڙي رک ٿي ويو. گھر ۾  پيل سامان اناج . کٽون بسترا. ۽ گھر ۾ بيٺل چوپايو مال 3 ٻڪريون ۽ ھڪ گابو سڙي رک ٿي ويو. ڪاڇي ۾ باھ وسائڻ لاءِ فائربرگيڊ  نه  ھجڻ سبب ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ ڪيتران ڪلاڪن کانپوءِ  باھ تي ضابطو  آندو. باھ ۾ پورھيت مسڪين راھب لنڊ گھر سڙي وڃڻ سبب کولي آسمان ھيٺ ويٺل. پورھيت صحافين کي ٻڌايو ته اسان گھر اندر ڪمرن ۾ ويٺا ھواسين، ته اچتو گھر جي ڇپرن کي باھ لڳي وئي ۽ اسان پھريا پنھنجا معصوم ٻارڙا گھر کان ٻاھر ڪڍيا ته باھ سڄي گھر کي وڪوڙي ويئي ۽ گھر ۾ بيٺل 3 ٻڪريون ۽  30 ھزار جو گابو سڙي رک ٿي ويو..  ايم اين اي رفيق احمد جمالي. ايم پي اي جوھي سائين صالح شاھ ڊي سي دادو نوٽيس وٺي مالي سهائتا ڪري.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.