”بلاول سائين! سنڌي شعبن کي سنڌ جي يونيورسٽين ۾ کولرائڻ جي هدايت ڪريو“

ايڊيٽوريل

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ لوڪ ادب جي انهن سڄڻن مان هڪ آهي جيڪي وقت به وقت سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ لوڪ ادب جي ترقي، واڌ ويجهه لاءِ پتوڙيندا، حڪومتي ادارن توڙي ساڃاهه وندن جو ان پاسي ڌيان ڇڪرائيندا رهندا آهن. ويجهڙ ۾ هن صاحب سوشل ميڊيا تي پ پ جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي مخاطب ٿيندي ان سري سان لکيو آهي ته ”بلاول سائين! سنڌي شعبن کي کولڻ جي به هدايت ڪريو.“ ان پوسٽ ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي لکيو آهي ته ”سنڌي ٻولي کي تاريخي، آئيني، عوامي ۽ قانوني حيثيت مليل آهي پر سنڌ حڪومت جا ادارا آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي سنڌي ٻولي کي جائز حق ڏيڻ کان محروم ڪيو آهي. هن لکيو آهي ته باوجود انجي ته اهي قانون اوهان جي پارٽيءَ سنڌ اسيمبلي وسيلي ئي ٺاهيا آهن تنهن ڪري اوهان سنڌ حڪومت کي هدايت ڪريو ته اها پنهنجن قانونن ۽ حڪمن تي عملي قدم کڻي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي صاحب شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور، سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ڪراچي، نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي سکر، صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ڪاري موري حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي جي لاڙڪاڻي، ٺٽي، بدين ۽ دادو وغيره ۾ قائم ڪيل ڪيمپس ۾ سنڌي شعبا قائم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ان پوسٽ کي وڌ کان وڌ شيئر ڪرڻ جي گذارش ڪئي آهي ته جيئن اعليٰ ايوانن تائين اهو آواز پهچي سگهي ۽ ان سان گڏ سنڌي اخبارن کي به گذارش ڪئي آهي ته اهي به ان معاملي تي ايڊيٽوريل لکن.

اسان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ان انتهائي اهم ۽ سنجيده موقف کي مان ڏيندي سندس تجويز کي هن ايڊيٽوريل ذريعي اڳتي وڌايون ٿا ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي ئي مخاطب ٿيندي کيس چئون ٿا ته هاڻي جڏهن اوهان جو سياسي ووٽ بينڪ سنڌي ماڻهن تائين محدود ٿي ويو آهي ته ڪوشش ڪريو ته اهو ووٽ بينڪ اوهان جي هٿن ۾ محفوظ رهي. جيتوڻيڪ اسان کي به اها پروڙ آهي ته طاقت جو سرچشمو اوهان وٽ به هاڻي عوام ناهي رهيو پر اها به حقيقت آهي ته اقتداري طاقتون به اوهان کي تڏهن موچاري موٽ ڏينديون جڏهن عوام واقعي به اوهان سان گڏ هوندو. اوهان وٽ سنڌ حڪومت موجود آهي يعني سنڌي عوام جون دليون کٽڻ جو هاڻي به اوهان کي موقعو آهي. سو سنڌي عوام جي ووٽ بينڪ جي تقاضا اها آهي ته سنڌ ۽ سنڌي عوام جي آئيني، قانوني، سياسي، تاريخي، ادبي، جاگرافيائي، ٻولي ۽ ثقافت ۽ سڀني وسيلن جي حقن جو اوهان وڌ ۾ وڌ خيال ڪريو ۽ ان جي واڌ ويجهه لاءِ سوچيو ۽ لوچيو. اوهان پنهنجو ووٽ بينڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ سنڌين جي دلين کي کٽڻ واري پاليسي  تي عمل ڪندئو ته اسٽيبلشمينٽ اوهان جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندي. ان حوالي سان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي تجويز به نه رڳو سنڌي ٻولي جي بقا پر اوهان جي ووٽ بينڪ جي مضبوطي لاءِ به اهم آهي. اوهان کي سنڌي ٻولي جا شعبا سنڌ جي سڀني يونيورسٽين ۾ کولڻ گهرجن جيئن سنڌي ٻولي جي نه رڳو بقا ۽ ترقي ٿئي پر سنڌي عوام جي ترقي ۽ روزگار جا به وسيلا پيدا ٿين.

هي اُهو ڪم آهي جيڪو اوهان جي حڪومت ئي ڪري سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته اوهان کي سنڌي ماڻهن جو ووٽ بينڪ مليل آهي، سنڌي ماڻهو ٻين غير سنڌي سياسي جماعتن جا ووٽر ناهن، پر افسوس ته اوهان هر دور ۾ سنڌي عوام جي امنگن تي پورو لهڻ بدران اسٽيبلشمينٽ  ۽  ووٽن لاءِ تڪ جي وڏيرن جو سهارو ورتو آهي پر جيڪڏهن اوهان جون سنڌ ۽ سنڌي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي سان سلهاڙيل پاليسيون هجن ته سنڌي عوام اوهان مان هٿ نه ڪڍندو.

سو سنڌي عوام جو هڪ مطالبو سنڌ جي يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبا به قائم ڪرائڻ آهي.جيئن يونيورسٽي سطح تي وڌ ۾ وڌ سنڌي ٻولي تي تحقيق به ٿي سگهي ۽ ان جي بقا ۽ ترقي جو مستقبل به روشن ٿي سگهي ۽ سنڌ جي نئين نسل لاءِ روزگار ۽ ترقي جا وسيلا به پيدا ٿي سگهن. اوهان ذاتي طور سڄي دنيا گهمي ڏٺي آهي اوهان کي چڱي ريت خبر آهي ته دنيا اندر مادري ٻولين کي اوليت هوندي آهي پر هتي مادري ٻولين کي نظرانداز ڪرڻ جي روايت رهي آهي. اوهان کي هاڻي به موقعو آهي ته پنهنجي سنڌي ٻولي جي عزت ڪريو ۽ سنڌي شعبا يونيورسٽين ۾ قائم ڪري ان جون دعائون به کٽو ۽ تاريخ ۾ سرخرو به ٿيو. ايئن به ناهي ته ان لاءِ اوهان کي ڪا نئين قانون سازي ڪرڻي پوندي، قانون ٺهيل آهن صرف انهن تي عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي انڪري اوهان کي يادگيرو ٿو ڪرائجي ته سنڌ حڪومت کي سنڌي شعبن کي سنڌ جي يونيورسٽين ۾ کولائڻ جي هدايت ڪريو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.