عمران خان ۽ تيزي سان مقبوليت وڃائيندڙ سندس حڪومت

حامد مير

چوڻ لاءِ ته پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي پر ان جمهوريت ۾ هر پاسي خوف ۽ سازش جو ديرو آهي. حڪومت کي حڪومت کان ۽ اپوزيشن کي اپوزيشن مان خوف آهي. صحافي به صحافي کان ڊنل آهي، ان ڪري اڄ ڪلهه سچ سرٻاٽن ۾ ڳالهايو ويندو آهي پر ڪوڙ ڳالهائڻ لاءِ اسان جا ڪجھه دوست واڪا ڪندي نظر اچن ٿا.

هڪ زمانو هو اندر جي خبر ٻاهر آڻيندڙ کي وڏو صحافي سمجهيو ويندو هو.

گھڻي پراڻي ڳالهه ناهي، جڏهن عمران خان اپوزيشن ۾ هو ۽ ڪيترن ئي جلسن ۾ اسان کي لازمي طور  گڏ وٺي ويندو هو. هڪ دفعي ان سان اسلام آباد کان ميانوالي وڃي رهيا هئاسين، جتي کيس جلسي کي خطاب ڪرڻو هو. گاڏي ۾ وسيم اڪرم به هو. وسيم اڪرم مون کان پڇيو ته ميانوالي جلسي ۾ ڪا گڙٻر ته نه ٿيندي؟ مون جواب ۾ چيو ته ڪالهه رات وزيراعليٰ شهباز شريف کان پڇيو هو ته توهان ميان والي وارو جلسو روڪيندا ته نه؟ هن چيو آئون چريو آهيان جو جلسو روڪي عمران خان کي هيرو ڪندس. اهو ٻڌي ڊرائيور جي ڀر واري سيٽ تي ويٺل عمران خان ڪنڌ ڦيرائي چيو ته ڪنهن جو پيءُ به منهنجو جلسو نٿو روڪي سگھي، هن ملڪ ۾ جمهوريت آهي آمريت ناهي!؟.

پوءِ هن ڪنڌ سڌو ڪيو ۽ وڏي معصوماڻي انداز ۾ چيو جڏهن اسان جي حڪومت ايندي ته اسين ڪڏهن اپوزيشن جو جلسو نه روڪينداسين. خان صاحب جي اها ڳالهه ٻڌي وسيم اڪرم جون واڇون کلي ويون ۽ هن منهنجي ڪن ۾ پڇيو ….؟ ڇا خان صاحب واقعي وزيراعظم بڻجي ويندو؟  مون جواب ۾ سوئينگ جي سلطان کي ڪن ۾ چيو ته جيڪڏهن محمد خان جوڻيجو پاڪستان جو وزيراعظم ٿي سگھي ٿو ته عمران خان به ٿي سگھي ٿو. خان صاحب ٻيهر ڪنڌ ڦيرائي پڇيو …. ڇا چيو تو؟ ان کان اڳ جو وسيم اڪرم ڪجھه چوي ها مون ڳالهه بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي پر وسيم اڪرم وڏي آواز ۾ اعلان ڪيو ته مير صاحب مون کي اندر جي وڏي ڳالهه ٻڌائي ڇڏي آهي.

هڪ دفعي خان صاحب فرمائش ڪئي ته تون پشاور واري جلسي ۾ گڏ هل. مون مصروفيت جو بهانو بڻايو ته هن چيو رستي ۾ وڏي ضروري ڳالهه ڪرڻي آهي. اسان بني گالا کان هيلي ڪاپٽر ۾ ويهي پشاور پهتاسين. اتي وڏو جلسو ٿيو، واپسي تي موسم خراب ٿي پئي ته ايئرپورٽ تي خان صاحب سان ڊگھي ڳالهه ٻول ٿي، جنهن ۾ هو وڏي پڪ سان چئي رهيو هو ته تحريڪ انصاف کي پاڪستان جي خدمت جو موقعو ملڻ وارو آهي.

مون کيس ياد ڏياريو ته توهان ميانوالي ويندي چيو هو ته اسان جي حڪومت آئي ته اسين اپوزيشن جو جلسو نه روڪينداسين، واعدو ڪريو ته توهان وزيراعظم بڻجي ويا ته انتقام جي سياست نه ڪندئو. خان صاحب چيو ته آئون انتقام نه وٺندس پر احتساب ڪندس. نواز شريف ۽ زرداري کان لٽيل ناڻو ڪڍرائيندس ۽ پاڪستان جون حالتون بدلائي ڇڏيندس. اهو ٻڌي جھانگير ترين زور سان انشاء الله چيو. آئون خاموش ٿي ويس. ٿوري دير کانپوءِ جھانگير ترين مون کان پڇيو ڇو تون چپ ٿي ويو آهين؟ مون جواب ۾ چيو جيڪڏهن پرويز مشرف جهڙو مضبوط حڪمران نواز شريف ۽ زرداري کان ڪا دولت نه ڪڍرائي سگھيو ته توهان ڪيئن ڪڍرائي سگھندئو؟ترين صاحب خاموش رهيو، ڇو جو هو ته پاڻ مشرف جي ڪابينا ۾ وزير هو.  پوءِ خان صاحب کي اوچتو ڪجھه ياد آيو ۽ چوڻ لڳو ته گھٻرايو نه، جيڪڏهن آئون وزيراعظم ٿي ويس ته ميڊيا کي مڪمل آزادي ملندي. آئون ته اهو ٻڌي خوش ٿي ويس پر منهنجي نظر جاويد هاشمي تي پئي، جيڪو هڪ پراسرار مرڪ سان مون ڏانهن ڏسي رهيو هو ۽ ان جي اکين ۾ صاف لکيل هو ته هو عمران خان جي لفظن تي يقين نٿو رکي. ڪجھه وقت کانپوءِ هو تحريڪ انصاف ڇڏي ويو.

اها ڊگهي تمهيد رڳو اهو عرض ڪرڻ لاءِ ٻَڌي اٿم ته هن ناچيز محترمه بينظير ڀٽو، نواز شريف ۽ عمران خان سميت ڪيترن ئي وزيراعظمن کي اپوزيشن ۾ به ويجھي کان ڏٺو آهي ۽ حڪومت ۾ به، پر جيتري تيزي سان عمران خان جي حڪومت غير مقبول ٿي آهي، ان جو ماضي ۾ ڪو مثال نٿو ملي. جهڙيون انتقامي ڪارروايون اڄ جي اپوزيشن سان ٿي رهيون آهن انهن جو مثال نٿو ملي ۽ جيڪو ڪجھه ميڊيا سان هن دور ۾ ٿيو آهي اهو پڻ بي مثال آهي.

ڪجھه وقت اڳ تائين اندر جون خبرون ٻاهر آڻيندڙ وڏا صحافي چورائيندا هئا، اڄ جا اڪثر وڏا صحافي اندر جون خبرون لڪائڻ ۾ لڳا پيا آهن، ڇو جو جيڪو به اندر جي خبر ٻاهر آڻي ٿو، اهو غدار ۽ لفافه چورائيندو آهي. اهو عمران خان جيڪو چوندو هو ته جيڪڏهن وزريراعظم ٿي ويس ته ڪڏهن اپوزيشن جو جلسو نه روڪيندس، ان جي حڪومت ۾ اپوزيشن جي جلسن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ پوري رياستي مشينري سرگرم آهي.

هڪ پاسي حڪومت چوي پئي ته اپوزيشن کي جلسن جي مڪمل آزادي آهي، ٻئي پاسي گوجرانوالا شهر کي ڪنٽينرن سان ڀريو ويو ۽ اپوزيشن جا بينر لاٿا ويا. ڪجھه هفتا اڳ تائين اهو تاثر هو ته مسلم ليگ ن ۾ ٻه گروپ آهن. هڪ گروپ جو قائد شهباز شريف ۽ ٻئي جي قائد مريم نواز آهي پر عمران خان جي حڪومت ان تاثر جي نفي ڪري ڇڏي آهي. شهباز شريف ۽ ان جي خاندان تي اهڙا اهڙا ڪيس ٺاهيا ويا آهن جو مريم نواز پنهنجي چاچي جي حق ۾ رڙيون ڪرڻ لڳي آهي.

عمران خان مڃي يا نه مڃي پر اهو مريم نواز جو محسن بڻجي چڪو آهي. هن مريم نواز کي هڪ قدآور ليڊر بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ن مان شين ڪڍڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام بڻائي ڇڏيون آهن. عمران خان جي حڪومت اڳ ته اهو ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته نواز شريف جي تقرير ٽي وي چينلن تي ڏيکارڻ جي اجازت ڏئي وڏي کليل دل جو مظاهرو ڪيو، بعد ۾ نواز شريف تي پابندي لڳائي ۽ اپوزيشن جو رستو روڪڻ جي ڪوشش اصل ۾ حڪومت جي ڪمزوري جو اعتراف آهي.

ايندڙ ڏينهن ۾ حڪومت کي ڪشميري قيادت پاران به تنقيد جو منهن ڏسڻو پئجي سگھي ٿو. وزيراعظم جي قومي سلامتي بابت خاص معاون معيد يوسف ڀارتي صحافي ڪرن ٿاپڙ کي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ڀارت اسان کي ڳالهين جو پيغام اماڻيو آهي پر اسين ڪشمير کي ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ کان بنا اڳتي نه وڌنداسين. جنهن ڏينهن معيد يوسف اهو انٽرويو ڏنو ان ئي شام والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعليٰ محبوبه مفتي هڪ سال جي نظربندي کانپوءِ آزاد ٿي وئي. آزاد ڪشمير جو وزيراعظم راجا فاروق حيدر نجي محفلن ۾ جيڪو ڪجھه ٻڌائي رهيو آهي اهو ٻڌي دل ڌُڏي وڃي ٿي.

معيد يوسف جي آن دي رڪارڊ موقف ۽ راجا فاروق حيدر جي آف دي رڪارڊ موقف ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي ۽ جيڪڏهن راجا صاحب  به آن دي رڪارڊ اچي ويو ته عمران خان لاءِ جواب ڏيڻ ڏکيو ٿي پوندو. عمران خان لاءِ اصل خطرو راجا فاروق حيدر آهي جيڪو اڄ ڪلهه پنهنجي پاڻ کي آزاد ڪشمير جو آخري وزيراعظم قرار ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو ته جيڪڏهن مون کي پاڪستان جو مفاد پيارو نه هجي ها ته عمران خان منهنجي هڪ پريس ڪانفرنس جي مار آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.