ڪار ساز سانحي جي شھيدن کي ڪيل سکڻو سلام!

امر شر

ھن جي عمر اٺ يا ڏھ سال ٿيندي جيڪا عمومن پڙھڻ جي ۽ پنھنجي بابا سان مستي ڪرڻ جي عمر ھوندي آھي !پر ھو ان ننڍڙي عمر ۾ ۾ شھر جي رستن تان پاٺا ميڙي ٿو ڪڏھن ڪنھن ھوٽل تي ٿانو ڌوئي ئي ٿو شھر جا ڪجهه ماڻھو کيس دڙڪا ڇڙٻون ڏينس ٿا ته ڪنھن ڪنڊ تي ويھي زاروقطار روئي ئي  پنھـنجي ان بابا کي ياد ڪري ٿو جيڪو محترما جو اھڙو جيالو ھيو جنھن جڏھن ٻڌو ھو ته محترما واپس  ڏيهھ وري پئي تڏھن سڀ ڪم ڇڏي ڪراچي وڃڻ لاسنڀريو ھو ته کيس گھر واريءَ چيو  ھيس ته ننڍڙو  ڪيترن ڏھاڙن کان ٻري ۾ آھي ان کي ان حال ۾ ڇڏي نه وڃ، تڏھن ان چيو ھو منھنجا اھڙا سوين بچا محترما تان قربان !!

بدقسمتي سان ڪراچي واري سانحي ۾ ھن محترما جي ٽرڪ جي تمام گھڻو ويجھو ٿي محترما کي ڏسڻ چاھيو پيئي ته ھڪ زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ ان جون اکيون بند ٿي ويون ـ پر ان جو معصوم پٽ اڄ به شھر ۾ ڇڙٻون دڙڪا سھي پنھنجي امڙ ۽ ننڍڙي ڀيڻ جي کائڻ لاءِ ڪجهھ وٺي وڃي ٿو ـ

محترما جو باڊي گارڊ رھندڙ فقير اقبال ھيسباڻي جي ڳوٺ خوش خير محمد ھيسباڻي جي سامھون واري ڳوٺ ۾ رھندڙ ان جيالي جي ڪھاڻي به عجيب آھي جيڪو محترما جي استقبال لا ڪراچي وڃڻ کان اڳ پنھـنجي پيدا ٿيندڙ نياڻي جو نالو بي نظير رکڻ جي وصيعت ڪري ويو ھو اڄ اھا بي نظير پنھنجي امان کان بار بار بابا جو پڇي ٿي تڏھن سندس امان ڳوڙھا اگھندي چويس ٿي تنھنجو بابا ته   بي نظير تان قربان ٿي ويو آھي !

بي نظير تان قربان ٿيندڙ ان جيالي جي گھر واري ۽ سندس بي نظير فاقا ڪشي واري زندگي گھارڻ تي مجبور آھن پر ڪنھن به پ پ اڳواڻ وٽ  انھن جي سار لھڻ لا شايد وقت ناھي !!

اھا ارڙھين آڪٽوبر دادن ماڇي جي مٿان به قيامت جيان گذري ھئي جڏھن کيس اھو اطلاع ڏنو ويو ھيو ته ان جي ٻنهي ڳڀرو پٽن ڪار ساز سانحي ۾ پنھنجون زندگيون محترما مٿان نڇاور ڪري ڇڏيون آھن

سال گذريا ويچارو دادن چونڊيل نمائيئدن جا در ڀيٽي ڀيٽي ٿڪجي پيو ته منھنجا ٻه جوان پٽ ته ويا  جيڪي ڪمائيندا ھيا ھاڻ ته ويلن ويھڻ تي مجبور آھيان ڪا واھر ڪريو پر اڄ شھيدن تي ڊگھيون تقريرون ڪندڙن کي ھن ٻن شھيدن جي  پيرسن والد جيالي تي ذرو به ترس ناھي آيو ۽ ھو ھن ضعيف عمري ۾ به ھوٽل تي بيراگري ڪري پنھنجو ۽ پنھنجي گھر واري جو پيٽ گذر ڪري ٿو.

ھي چند اھڙا ڪردار آھن جن جي دل جو درد مون انھن سان ملي محسوس ڪيو آھي پر سنڌ ۾ ڪار ساز کان به گھڻو اڳ جيئي ڀٽو جا نعرا ھڻندي پنھنجون سون جھڙيون جوانيون مرڪي  گولين جي حوالي ڪندڙن جانسل اڄ دربدري واري زندگي گھارڻ تي مجبور آھن ـ مختلف مارشل لائن جي دور ۾ حياتين تان ھٿ کڻندڙ جيالا ھجن يا ايم آرڊي جي تحريڪ ۾ پنھنجا سينا بمن آڏو تاڻي بيھندڙ جيالا ھجن جن جي قبرن جا نشان به ميسارجي چڪا آھن پر ڪنھن به پ پ پ جي حاڪم انھن جي ٻچڙن جي اھنجن ۽ ڏکي زندگي ۾ جھاتي پائيئڻ جي تڪليف ناھي ڪئي !;

اھا محترما جيڪا ڪار ساز سانحي کان پوءِ سڌو جناح اسپتال پھچي انھن زخمي جيالن جي زخمن تي تسلي جا پھا رکياھيا تڏھن انھن کان زخمن جو درد وسري ويو ھيو پر افسوس جو محترما جي وڇوڙي کان پوءِ واري پ پ پ صرف شھيدن جي نالي تي مال ميڙيو آھي ـ

اڄ ڪراچي ۾ ھڪ وڏو جلوس ٿيندو ان ۾ ھزارين ماڻھو شريڪ ٿيندا پر ڇا ان ۾ ڪو وزير ڪو مشير يا پاڻ بلاول ڀٽو ڪار ساز ۾ شھيد ۽ معذور بڻيل ماڻھن جا تفصيل ٻڌائڻ جي تڪليف ڪندا ته آخر ھنن ڪيترن ڪار ساز جي شھيدن جي واھر ڪئي آھي يا ڪيترن معذور بڻيل جيالن جو علاج معالج ڪيو آھي ؟؟

جيڪڏهن پ پ ھيل تائين ڪنھن به ڪار ساز جي شھيد جي ڪا واھر ناھي ڪري سگھي ڪنھن شھيد تائين پهچي ناھي سگھي. شھيدن جي ٻارڙن جي ڪا سار ناھي لھي سگھي ته پو شھيدن جي نالي  پاورشو ڪري شھيدن کي سکڻو سلام ڪري انھن جي روح کي رنجائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهھ به ناھي ڇاڪاڻ ته ڪار ساز جا شھيد ۽ انھن جا ٻارڙا اوھان جي سکڻي سلام جا نه پر اوھان جي مدد جا منتظر آھن !!!!!!

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.