پي ڊي ايم ۽ پ پ

نصرت جاويد

لاڳيتو بي عزتي کان بيزار ٿي اپوزيشن پارٽيون آخر ڪار  ڪجھه ڪرڻ  تي مجبور ٿيون آهن. انهن کي حوصلو ڏيڻ لاءِ نواز شريف به ڊگھي خاموشي کانپوءِ 20 سيپٽمبر واري ڏينهن هڪ دونهيندار خطاب ڪري ڇڏيو. ان جي خطاب کانپوءِ پي ڊي ايم جنم ورتو. اپوزيشن پارٽين جو اهو اتحاد مارچ 2021ع کان اڳ عمران حڪومت کي ڪيرائڻ وڃي رهيو آهي ته جيئن تحريڪ انصاف مٿئين ايوان م فيصلائتي اڪثريت حاصل ڪري نه سگھي. ان هدف کي ماڻڻ  لاءِ 16 آڪٽوبر کان ڊسمبر جي آخر تائين ملڪ جي سمورن وڏن شهرن ۾ جلسا شروع ٿي ويا آهن.

عمران خان تي  نظر رکڻ  لاءِ ايوانِ صدر ۾ ارڙهين ترميم جي ڪري با اختيار ٿيل ڪو جنرل ضياءُ، غلام اسحاق خان يا فاروق لغاري به موجود ناهي. عارف علوي صاحب ان ڏس ۾ هونئن ئي اڻ لاڳاپيل آهي جيئن برطانيا جي راڻي پنهنجي پارليامينٽ ۽ وزيراعظم بابت هوندي آهي.

مون ۽ توهان جهڙن عام انسانن کي نظر ايندڙ انهن حقيقتن جي ابتڙ روايتي ۽ سوشل ميڊيا تي حاوي عمران حڪومت جي سرڪاري ۽ رضاڪار ترجمانن کي  اندر  جي هر ڳالهه جي خبر هوندي آهي. اهي زور ڀريندا پيا اچن ته لنڊن ۾ ويٺل نواز شريف جي ڪجھه طاقتور پر  پاڪستان دشمن  قوتن سان ڪا ڊيل ٿي وئي آهي، جن قوتن جو ان ڏس ۾ ذڪر ٿي رهيو آهي انهن جو نالو کُلي عام نٿو کنيو وڃي. وقت به وقت اسان جي ازلي دشمن ڀارت جو ذڪر ضرور ٿيندو آهي. ڀارت جيتوڻيڪ پاڻ ڪڏهن ان قابل ناهي رهيو جو پاڪستان ۾ حڪومتون آڻڻ ۽ ڪيرائڻ ۾ ڪو حتمي ڪردار ادا ڪري سگھي. اهو ڪردار عام طور اڄ به دنيا جي واحد سپر طاقت سڏرائيندڙ آمريڪا ئي ادا ڪندو آهي، پر ان ملڪ جو صدر ٽرمپ عمران خان صاحب جو دوست بڻجي چڪو آهي. اسان جي وزيراعظم کي ان وڏي چاهه سان جولاءِ 2019ع ۾ وائيٽ هائوس ۾ دعوت ڏني هئي. ان کان سواءِ هڪ ملاقات نيو يارڪ ۽ ان کان اڳ سوئيٽزرلينڊ جي شهر ڊيوس ۾ به ٿي چڪي آهي. عمران حڪومت طالبان کي آمريڪا سان ڳالهين جي ميز تي ويهارڻ لاءِ راضي ڪيو. ڊگھين ڳالهين کانپوءِ هاڻي  بين الافغان  ڳالهيون هلندڙ آهن. انهن ڳالهين کي ڪامياب بڻائڻ ۾ به پاڪستان جي مدد گھربل آهي. اها هڪ ڊگھي مدي واري گيم آهي. ان گيم جي حتمي انجام کان اڳ آمريڪا پاڪستان ۾ سياسي عدم استحڪام ڏسڻ نه چاهيندو. پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن کي هر قسم جا طالبان هونئن به پسند ناهن ڪندا. پيپلزپارٽي کي ته اهي پنهنجو  نظرياتي دشمن  سمجھندا آهن ۽ نواز ليگ کان عام طور نا خوش. عمران خان پاڪستان جو واحد مين اسٽريم سياستدان آهي جيڪو مستقل مزاجي سان افغانستان تي مڙهيل جنگ جي مخالفت ڪندو رهيو. وار آن ٽيرر جي عروج ۾ به هن افغانستان ۾ موجود آمريڪي ۽ نيٽو فوجن کي پاڪستان رستي ويندڙ رسد کي روڪڻ لاءِ ڌرڻا ڏنا هئا. ڊرون حملن ذريعي انساني جانيون ضايع ٿيڻ جي هميشه مذمت ڪئي. ان جي هڪ ويجھي صاحب جناب شهزاد اڪبر ڊرون ذريعي اسان جي انهن ڏينهن جي قبائلي علائقن ۾ ٿيندڙ فوتگين خلاف قانوني چاره جوئي جي ڪوشش به ڪئي هئي. ان جي اڳڀرائي اسلام آباد ۾ سي آءِ اي جي مبينا اسٽيشن چيف کي هتان  فرار  ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. افغانستان جي باري ۾ پنهنجي ثابت قدم موقف جي ڪري عمران خان صاحب کي اسان جا  ديسي  پر  خوني  لبرلز  طالبان خان  جا طعنا به ڏيندا رهيا آهن. بين الافغان ڳالهين کي ڪامياب ڪرڻ ۾ ان جي اها شهرت به ڏاڍي ڪم ايندي، پر عمران حڪومت جي تحفظ بابت پريشان ٿيندڙ سرڪاري ۽ رضاڪار ترجمان اها حقيقت به نظر انداز ڪيو ويٺا آهن.

پي ڊي ايم کان نه ڄاڻ ڪهڙن بنيادن تي ڊڄي اهڙو ماحول بڻائڻ لاءِ بي چين آهن جيڪو اپوزيشن جي نئين ٺهيل اتحاد کي  پرواز  کان اڳ ئي وکيري ڏيکاري. پنهنجي خواهش کي عملي صورت ڏيڻ خاطر گذريل ڪجھه ڏينهن کان اِسپِن هاڻي اها هلي رهي آهي ته آصف علي زرداري  ڪرپٽ  ته پڪ سان آهي، ان جا  جعلي اڪائونٽس به پڪڙيا ويا آهن. توشا خاني جي حوالي سان جوڙيل ڪيس ۾ ان جي  نااهلي  ڀِت تي لکيل نظر اچي رهي آهي، پر مٿي ڄاڻايل  ڪوتاهيون  ڳڻائڻ کانپوءِ اهو به ياد ڏياريو پيو وڃي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي جوڙيل پاڪستان پيپلزپارٽي بهرحال هڪ  محب وطن  پارٽي آهي. پنهنجي قائد جي ڦاهي جي باوجود ان پارٽي رياستي ادارن کي مجموعي حيثيت ۾ ڪڏهن ناهي للڪاريو. عدالتن جو احترام به برقرار رکيو. پيپلزپارٽي جي  حب الوطني  جي اعتراف کانپوءِ زور ان تي به ڀريو پيو وڃي ته محترمه بينظير ڀٽو جي جدوجهد جي ڪري برقرار رهندڙ اها پارٽي پنهنجي پر ۾  لبرل  به آهي. ان پارٽي جي جوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاءِ ممڪن ئي ناهي ته اهو مولانا فضل الرحمان جهڙي  بنياد پرست ملان  جي قيادت ۾ پيپلزپارٽي جي اصل دشمن جنرل ضياءُ جي  پاليل  نواز شريف کي سياسي ميدان ۾ گجگوڙ سان واپس آڻڻ واري تحريڪ جو دل ۽ جان سان حصو بڻجي. پيپلزپارٽي جي پي ڊي ايم کان امڪاني  ڏُوري  جي اميد هاڻي  اها خبر  ڏيندي به ڏياري پئي وڃي ته آصف علي زرداري  اچتو  سخت بيمار ناهي ٿيو. ان کي اسپتال حقيقت ۾ ڪجھه  اهم ملاقاتن  لاءِ آندو ويو آهي. ڪجهه تمام ئي  باخبر  هجڻ جا دعويدار ماڻهو اها دعويٰ به ڪري رهيا آهن ته گھربل يا فرضي  ملاقاتون  ٿي به چڪيون آهن. جلد ئي  ڪارائتيون  ٿيندي نظر اينديون.

آصف علي زرداري صاحب جي سياست کان هزارين خدشن جي باوجود ذاتي طور کيس تمام گھڻو پسند ڪندو آهيان. مون کي چڱي ريت ڄاڻ آهي ته ان جي صحت جي حوالي سان وڏا مسئلا آهن. ڊگھي وقت کانپوءِ مون مارچ 2016ع جي آخر ۾ ان سان نيويارڪ ۾ ٽي ڏينهن گڏ گذاريا هئا. منهنجي اتي رهڻ دوران به کيس ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ مختلف قسم جون ٽيسٽون ڪرائڻيون پونديون هيون. ان جي ڪجھه مسئلن کي ڊاڪٽرن پاران لاڳيتو نگراني جي ضرورت آهي. هن هفتي جي شروعات ۾ ان سان اهڙو ئي هڪ معاملو ٿي ويو. ان معاملي جا تفصيل بيان ڪرڻ ضروري نٿو سمجھان. آصف علي زرداري سان  رابطن  جي ضرورت محسوس ڪندڙن کي اسپتال جي  تنهائي  گھربل ناهي. جيڪي  رابطا  گھربل هئا اهي آل پارٽيز ڪانفرنس کانپوءِ به ٿيا آهن. انهن رابطن باوجود بلاول ڀٽو زرداري گوجرانوالا جي طئي ٿيل جلسي کي خطاب ڪيو آهي. عمران خان صاحب جي حقيقي خيرخواهن جي خواهش ۽ ڪوشش ته اها ٿيڻ گھرجي ته پيپلزپارٽي پي ڊي ايم ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪندي رهي ته جيئن نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان اڪيلا ٿي ان کي  انتهاپسندي  ڏانهن نه ڌڪي سگھن، پر سرڪاري ۽ رضاڪار  ترجمان  اها  اونهي  ڳالهه سمجھڻ لاءِ تيار ئي ناهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.